27 هين ترميم اچي وئي، خبر ناهي ملڪ جو ڇا ڪندا ؟ مرتضيٰ جتوئي

  27 هين ترميم اچي وئي، خبر ناهي ملڪ جو ڇا ڪندا ؟ مرتضيٰ جتوئي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ نيشنل پيپلزپارٽي جي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي مٿان ڏوڪري، باڊھه ٿاڻن تي داخل ڪيسن جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پنهنجي وڪيلن سميت پيش ٿيو سنڌ بار ڪائونسل جي جي سڏ تي 27 آئيني ترميم خلاف عدالتي بائيڪاٽ سبب ٻڌڻي عدالت 3 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر اطهر عباس پاران هاءِ ڪورٽ بار ۾ آجياڻو ڏنو ويو، آجياڻي تقريب ۾ غلام مرتضيٰ جتوئي خطاب ڪندي چيو آهي ته 26 ۽ 27 هين ترميم کان پوءِ ملڪ جي آئين جو ڪهڙو حشر ٿيو اُهو سڀني جي سامهون آهي، 27 هين ترميم کان پوءِ ملڪ ۾ 28 هين ترميم جي تياري هلي پئي، جنهن کان پوءِ 29 هين ترميم ۽ 30 هين ترميم به ايندي، خبر ناهي ته هن ملڪ جو ڇا حشر ڪندا ان جي ڪا به خبر ناهي، 26 هين ترميم کان پوءِ ججز ڪافي دٻاءُ ۾ آيا جيڪي فيصلا نه پئي ڏئي سگهيا، پر 27 هين ترميم کان پوءِ ججن لاءِ انصاف ڏيڻ ۽ وڪيلن لاءِ انصاف وٺڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، اهڙي گُهٽن واري معاشري ۾ رهڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن طرفان ڏنل آجياڻي واري تقريب دوران وڪيلن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جيڪي سمجهن ٿا ته هو دٻاءُ وجهي پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيندا جنهن سان ماڻهو هيسجي دٻجي ويندا پر کين ڀلي ته تاريخ چوي ٿي ته ماڻهن کي جيترو دٻايو ويندو ته هو انارڪي ۽ ٻئي پاسي ويندا، جيڪڏهن ماڻهن جا جمهوري رستا بند ڪيا ويندا ته ماڻهو کاٻي ۽ ساڄي پاسي ڏسڻ شروع ڪندا ، جيڪو هن ملڪ پاڪستان لاءِ صحيح نه هوندو تنهن ڪري هن ملڪ تي رحم ڪري اهڙي قسم جي ترميمن کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته 1973ع واري آئين ۾ مختلف وقتن تي ڪجهه غلط ۽ ڪجهه صحيح ترميمون به ٿينديون رهيون پر اهڙي قسم جي استثنيٰ ته بادشاهن ۽ خليفن کي به نه ڏني وئي جيڪا صدر پاڪستان کي ڏني وئي آهي، مون کي ٻڪري، موٽرسائيڪل ۽ چانور ڦر، هزار فوٽ پلاٽ سميت ٻين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو آهي، جنهن ڪري مان عدالتن جا چڪر پيو لڳايان اسان کي اهڙي قسم جي استثنيٰ ناهي پر صدر کي استثنيٰ آهي، پر هاڻي سنڌ جو ماڻهو سجاڳ ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ مان عام چونڊن دوران تبديلي ڏٺي، هاڻي به جيڪڏهن عام چونڊون صاف ۽ شفاف نموني ٿيون ته خبر پئجي ويندي ته ڪير ڪٿي بيٺو آهي، هن چيو ته ماضيءَ ۾ اسان وٽ ڪيترائي موقعا هئا پر اسان هميشه عوامي سياست کي ترجيح ڏني ڇاڪاڻ اسان جي منزل اقتدار نه پر غريبن جي خدمت ڪري انهن جي مسئلن کي حل ڪري انهن سان گڏ بيهڻ آهي، پوءِ ڀلي اسين جيل ۾ هجون، ريل ۾ هجون اسان کي سڀ قبول آهي. هن چيو ته اسان وڪيلن برادري سان گڏ آهيون. ان موقعي تي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي صدر اطهر عباس سولنگي  پڻ خطاب  ڪيو.