27 هين ترميم خلاف عدليه بحالي تحريڪ جي ضرورت آهي: وسند ٿري  

27 هين ترميم خلاف عدليه بحالي تحريڪ جي ضرورت آهي: وسند ٿري  

ڪراچي/ملير (نمائندن وٽان) سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ طرفان 27هين ترميم خلاف 16 نومبر تي حيدرآباد ۾ اعلانيل ريلي بابت عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن پاران تيارين کي آخري شڪل  ڏني وئي، اجلاس کي عوامي تحريڪ جي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 27 ترميم وسيلي عدليه کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي. وفاقي آئيني ڪورٽ ٺاهي سپريم ڪورٽ جي اختيارن تي راتاهو هنيو پيو وڃي. آئيني بينچ هيل تائين حڪومت جي مخالفت ۾ هڪ به فيصلو ناهي ڏنو. هنن چيو ته عدليه  کي قيد ڪري عوام جا بنيادي آئيني ۽ جمھوري حق معطل ڪيا ويا آهن. اڳواڻن چيو ته عدليا کي آئين جو تحفظ ڪرڻ گهرجي، وڪيل 27هين آئيني ترميم خلاف عدليه  بحالي تحريڪ جي ضرورت آهي.