| 27 هين ترميم نامنظور: موري ۾ قومپرست پارٽين جي ريلي: مظاهرو: گڏيل جدوجهد جو اعلان |
مورو(ن پ ا) جيئي سنڌ محاذ، ايس يو پي، جسقم، سنڌ سڀا طرفان شھيد عبدالرزاق چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي ابرار مورائي، حنيف راھو، دانش ميمڻ، طحه مورائي، ياسين سومرو، جي ايم سابقي،جڳديش ڪمار، نعيم پيرزادو، ساجن ڪمار، نياز سنڌي، راجا ديشي، ابراھيم عالماڻي، ڪيف محمد سنڌي، روشن ٻرڙو، راشد ٻاٽ، جبار چانڊيو، انيل سنڌي، احمد انقلابي، شاھد چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته اسان 27 آئيني ترميم کي رد ڪريون ٿا، 27 آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي ورهاست ڪئي پئي وڃي ،ججن جا اختيار کسيا پيا وڃن ،هنن چيو ته سنڌ مان قومي ڪارڪنن کي کنڀڻ جو سلسلو جاري آهي، سي ٽي ڊي ذريعي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري دھشتگرد قرار ڏنو پيو وڃي، هنن چيو ته سنڌ ۾ روزانو ڪوڙن مقابلن ذريعي ھاف فراءِ ذريعي سنڌ جي ماڻھن کي اپاهج بڻايو پيو وڃي ، اهو عدالتن کان مٿانهون غير قانوني قدم آھي، جنهن کي برداشت نه ڪبو، هنن چيو ته سنڌ جي مسئلن تي گڏيل جدوجهد هلائي ويندي