27 هين ترميم: وفاقي حڪومت پاران جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب

27 هين ترميم: وفاقي حڪومت پاران جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ وٽ 27 ترميم خلاف ٻن درخواستن جي ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت جي وڪيل لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، سرڪاري وڪيل چيو ته 27هين آئيني ترميم کي چيلنج ڪيو ويو آهي، وفاقي حڪومت جي جواب جو انتظار آهي، درخواستگذار جي وڪيل ابراهيم سيف الدين چيو ته اهم ڪيس سبب مختصر تاريخ ڏني وڃي، جسٽس عدنان اقبال چوڌري پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ٽيڪس ۽ ٻيا اهم ڪيس التوا ۾ آهن، جلد تاريخ نه ٿي ڏئي سگهجي، عدالت ٻڌڻي 25 فيبروري 2026 تائين ملتوي ڪري ڇڏي,