27هين آئيني ترميم آڻڻ جون تياريون: وزيراعظم شهباز ۽ بلاول ڀٽو ۾ اتفاق، مولانا ۽ متحده سان به ڳالهين جو فيصلو

آڪٽوبر 28, 2024

لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪومت ۽ اتحادي پارٽي پيپلزپارٽي 26هين آئيني ترميم کان هڪدم پوءِ 27هين ترميم آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

ان ڏس ۾ وزراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 27هين آئيني ترميم آڻڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف سان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي

ملاقات ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر، ايم اين اي نويد قمر ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب شامل هئا. جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي پاران قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله شامل هئا

جنهن ۾ آئيني ترميم ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب ملاقات ۾ 27 آئيني ترميم تي به ڳالهيون ڪيون ويون. بلاول ڀٽو 26هين آئيني ترميم کي به تاريخي قرار ڏنو

ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 26هين آئيني ترميم جي منظوري جو ڪريڊٽ اتحادي پارٽين ڏانهن وڃي ٿو. پهريان به عوامي خدمت کان پوئتي نه هٽيا هئاسين هاڻ به پوئتي نه هٽنداسين

هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت جي اهم اتحادي اپرٽي آهي.پيپلزپارٽي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومت جو هر قدم ۾ ساٿ ڏنو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ گڏجي هلنداسين، غير جمهوري طاقتن جو رستو روڪڻ لاءِ 26هين آئيني ترميمي اهم ثابت ٿيندي

هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.  ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ته 27هين ترميم به آندي ويندي

ذريعن جو چوڻ آهي ته 27هين ترميم ۾ صوبن جي حقن جي حوالي سان خدشن کي ڏٺو ويندو ۽ ترميم ۾ خامين کي به ختم ڪيو ويندو. نئين ترميم تي مولانا فضل الرحمان، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين سياسي جماعتن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. ياد رهي ته مولانا فضل الرحمان اڳ ئي 27هين ترميم جي مخالفت ڪري چڪو آهي

Leave A Comment