| 28هين ترميم آئي ته وفاق آڏو اعتراض رکنداسين: سعيد غني |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي پورھيتن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي 58 سالن جي تاريخ جدوجهدن سان ڀريل آهي آرٽس ڪائونسل ۾ تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 27هين ترميم بابت اسان وٽ ڪجهه تجويزون ۽ اعتراض هئا، اسان وفاقي حڪومت جا شڪرگذار آهيون جنهن اسان جي اعتراضن کي دور ڪيو. جڏهن 28هين ترميم ايندي ته ِ انهي تي موقف پيش ڪنداسين، جيڪڏهن اعتراض ٿيا ته اهي به وفاقي حڪومت آڏو رکنداسين. سعيد غني چيو ته ”ڀارت کان پاڪستان لاءِ ڪنهن به مثبت ڳالهه جي اميد رکڻ بيڪار آهي. ڀارت پاڪستان خلاف 10 هزار فلمون به ٺاهي وٺي، پر 9 مئي جي ناڪاميءَ جي سامهون ڪجهه به ناهي.. هن چيو ته 30 نومبر تي پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جو مرڪزي جلسو ڪورنگي ساڍا ٽي نمبر تي ٿيندو.