28هين ترميم جي مشروط حمايت: وفاقي ٽيڪس ختم ڪريو، صوبي جو نالو پختونخوا رکو: اي اين پي

28هين ترميم جي مشروط حمايت: وفاقي ٽيڪس ختم ڪريو، صوبي جو نالو پختونخوا رکو: اي اين پي

پشاور (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) 28هين ترميم جي مشروط حمايت جو اعلان ڪندي مطالبو  ڪيو ته 27هين دوران ڪيل واعدا پورا ڪيا وڃن، ڪي پي جي تاريخي حيثيت بحال ڪري صوبي جو نالو پختونخواهه رکيو وڃي. اي اين پي جي مرڪزي ترجمان انجنيئر احسان الله بيان ۾ چيو ته پاڪستان جو آئين ڪنهن اڪيلي شخص،  ذاتي اقتدار جو ذريعو نٿو بڻجي سگهي، آئيني ترميم جو مقصد صرف عوامي مفادن، صوبائي حقن جو تحفظ، وفاقي انصاف ۽ جمهوري استحڪام ٿيڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته اي اين پي 28 آئيني ترميم جي حمايت صرف ان صورت ۾ ڪندي جڏهن 27آئيني ترميم دوران ڪيل واعده جي مڪمل پاسداري يقيني بڻائي وڃي، 18 ترميم اين ايف سي ايوارڊ، صوبائي خودمختاري ۽ صوبائي حقن بابت سمورا آئيني خدشا بغير ڪنهن تبديلي جي  برقرار رکيا وڃن. اي اين پي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوبائي حقن تي ڪو سمجهوتو قبول نه ڪيو ويندو، 28آئيني ترميم ۾ هائيڊل پاور پيدا ڪندڙ صوبن لاءِ بجلي تي آئيني رليف ڏنو وڃي. هائيڊل پاور پيدا ڪندڙ صوبن ۾ بجلي جي استعمال تي ڪو وفاقي ٽيڪس، سرچارج يا اضافي ٽيڪس نه لڳايو وڃي. اهڙن صوبن ۾ گهريلو صارفين لاءِ 500 يونٽس تائين بجلي جي قيمت 10 رپيا في يونٽ مقرر ڪئي وڃي. 28 آئيني ترميم ۾ مقامي حڪومتن کي مستقل قيام کي آئيني ضمانت ڏني وڃي، ترجمان اهو به مطالبو ڪيو ته 28 ائيني ترميم ۾ پختونخواهه جي تاريخي سڃاڻپ بحال ڪئي وڃي ۽ اي اين پي صوبي جي نالي کي پختونخوا مڃڻ واري مطالبي کي ٻيهر ورجائي ٿي.