| 28 ترميم آڻي صوبن کي ورهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي: وڙائچ |
خيرپور (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اليڪشن ۾ صدارتي اميدوار محمد حسيب جمالي، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبرن عامر نواز وڙائچ ۽ ڪي بي لغاري جي مان ۾ خيرپور ڊسٽرڪٽ بار طرفان تقريب ڪوٺائي وئي، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عامر نواز وڙائچ چيو ته عوام کي دوکي ۾ رکي حُڪمرانن 27 هين آئيني ترميم پاس ڪرائي هاڻي 28 هين ترميم آڻي صوبن کي ورهائڻ جي سازش رٿي وئي آهي، سڀني کي سُجاڳ ٿيڻو پوندو. ھن چيو ته جيڪي پهريان چون پيا ڪا به ترميم نه ٿي اچي اُهي غلط بياني ڪري عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن. ھن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اليڪشن ۽ ڊسٽرڪٽ بارُن جي اليڪشنون تمام اهم آهن حڪمران پنهنجا ماڻهو ڪامياب ڪرائڻ چاهين ٿا. وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ چيو ته اسان پنهنجو چٽو موقف سنڌ جي عوام آڏو رکي ڇڏيو آهي سڀئي شيون عوام جي سامهون آهن اُن باوجود به ڪوئي بيوقوف بڻجڻ چاهي ٿو ته ڀلي بڻجي. سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ۽ وڪيل اڳواڻ ڪي بي لغاري چيو ته جڏهن سنڌ جا ست ڪروڙ ماڻهو روڊن تي اچي ويهي رهندا ته انهن کي لڪڻ جي جاءِ به نه ملندي. ھن چيو ته سورهيه بادشاھ چيو هُيو ته وطن يا ڪفن آزادي يا موت اسان هاڻي سرن سان ڪفن ٻڌي نڪتا آهيون ۽ پوئتي نه هٽنداسين. ھن چيو ته اسان حڪمرانن کي چئون ٿا گهٽ ۾ گهٽ خُدا جي واسطي ملڪ جي صوبن ۽ انهن جي وسيلن تي رحم ڪريو.