28 ترميم : پ پ جو اصل امتحان شروع ٿي ويو: مرتضيٰ جتوئي

  28 ترميم : پ پ جو اصل امتحان شروع ٿي ويو: مرتضيٰ جتوئي

نوشهرو فيروز (رپورٽر) نيشنل پيپلزپارٽي جي چيئرمين غلام مرتضيٰ جتوئي  چيو آهي ته  پ پ ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي گهر ۾ ڌاڙي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ٿيڻ مان واضح ٿي ويو ته پوليس چاهي ته ڏوهارين وٽ پهچي سگهي ٿي، رڳو ايم اين اي نه پر هر ماڻهو جي ڦريل مال جي ريڪوري ٿيڻ گهرجي، بدقسمتي سان ڏوهارين کي سياسي پٺڀرائي آهي، پوليس چاهي ته گهرو وزير ضياءَ لنجار جو گهر ساڙيندڙن تائين به پهچي سگهي ٿي، پوليس کي خبر آهي ته گهر ڪنهن ساڙيو؟ پر پوليس کي اتي پهچڻ نه پيو ڏنو وڃي، ڪالهه هتي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ هر چور ۽ ڌاڙيل کي پ پ ۽ حڪومت جي پٺڀرائي آهي، عوام کي يرغمال بڻائي رکڻ لاءِ ڪٿي پوليس ته ڪٿي ڌاڙيلن کي استعمال ڪيو پيو وڃي، مرتضيٰ جتوئي چيو ته 28هين ترميم جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن، 28هين ترميم ڊسمبر ۾ اچي يا جنوري ۾ پر ضرور ايندي، جيڪڏهن 28هين ترميم ۾ ڪجهه رهجي ويو ته 29هين ترميم به ايندي، جمهوريت جي چئمپين سڏائيندڙ پيپلزپارٽي جو اصل امتحان شروع ٿي ويو آهي، انهي کان اڳ عدالت وڪيلن جي 27 وهين آئيني ترميم خلاف هڙتال سبب ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي 2 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي