| 28 سالن کانپوءِ فيفا ورلڊڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪندڙ ناروي جي ٽيم تاريخ لکي ڇڏي |
پيرس(اسپورٽس نيوز) ناروي 28 سالن کان پوءِ فيفا ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪري فٽبال جي دنيا ۾ تاريخ رقم ڪري ڇڏي، ميلان ۾ منعقد ٿيل اهم ڪواليفائينگ ميچ ۾ ناروي ميزبان اٽلي کي 1 جي مقابلي ۾ 4 گولن سان شڪست ڏئي شاندار انداز ۾ ٽورنامينٽ جو ٽڪيٽ حاصل ڪيو.ميچ جي شروعاتي لمحن ۾ اٽلي پنهنجي روايتي انداز ۾ جارحاڻي راند کيڏي ۽ هڪ گول جي برتري به حاصل ڪئي، جڏهن ته ناروي ٻئي هاف ۾ ميچ جو نقشو مڪمل طور تي بدلائي ڇڏيو، اينٽونيو نوسا ۽ ايرلنگ هالينڊ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري ، جنهن جي نتيجي ۾ ناروي چار گول ڪيا ۽ ميچ تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪيو.ناروي جي هن تاريخي فتح کان پوءِ، ملڪ جي مداحن تمام گهڻو جشن ملهايو، جڏهن ته شهزادو، شهزادي ۽ هزارين ناروي جا مداح ميچ ڏسڻ لاءِ ميلان جي اسٽيڊيم ۾ موجود هئا، جن پنهنجي ٽيم جي غير معمولي ڪارڪردگي تي رانديگرن جي تمام گهڻي حوصلا افزائي ڪئي.