ايراني شهر يزد ۾ فوت ٿيل 28 سنڌ واسي پانڌيئڙن جي سنڌ جي اباڻن علائقن ۾ تدفين

آگسٽ 24, 2024

ايراني شهر يزد ۾ فوت ٿيل 28 سنڌ واسي پانڌيئڙن جي سنڌ جي اباڻن علائقن ۾ تدفين، سي ون ٿرٽي جهاز ذريعي گذريل رات فوتين جا مڙهه ۽ زخمي جيڪب آباد ايئر بيس پهچايا ويا، ايئر بيس تان ايمبولنسز ذريعي مڙهه اباڻن علائقن ڏانهن منتقل ڪيا ويا

ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ڀاتين سميت 6 ڄڻن جا مڙهه مٽي ماءُ حوالي، حادثي ۾ هڪ ئي ڪٽنب  جي 5 ڀاتين رستم سهرياڻي، ڪريمان خاتون، ڪائنات، سعديه، ريما سهرياڻي  ۽ سيرت عباس شاهه جي جنازي نماز پرائمري اسڪول ۾ ادا ڪئي وئي

لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ 10 فوتين جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد تدفين، وفا عباس ديناري، زاهد سومرو، حبيب الله سومرو، عمران ڪلهوڙو ۽ ٻين جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، وڪيلن ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت

نئون ديرو  ۾ ٻن فوتين محسن جوڻيجو ۽آفاق جوڻيجو  جي به تدفين، وارهه سان تعلق رکندڙ عورت نسيم اختر کهاوڙ ۽ نينگر منتظر مهدي جي جنازي نماز هاءِ اسڪول ۾ ادا ڪئي وئي

هڪ ئي گهر مان 2 جنازا کڄڻ تي علائقي ۾ سوڳ، شاگرد ظهير عباس ميمڻ جي شاهه پنجو سلطان ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ڊي سي دادو ۽ ٻين جي شرڪت

باقراڻي سان تعلق رکندڙ بي بي امبرين شاهه جي ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ جنازي نماز بعد تدفين، عمران علي ڪلهوڙو جي ڳوٺ ڍڍرا ڪلهوڙو ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد تدفين، فوتين جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري

Leave A Comment