بنگلاديش ۾ حسينه واجد جي پارٽي جا 29 اڳواڻ قتل، عبوري حڪومت جي 15 رڪني ڪابينا جو اڄ حلف
آگسٽ 8, 2024
ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش جي ڊاڪٽر يونس جي سربراهي ۾ جوڙيل عبوري حڪومت اڄ خميس ڏينهن حلف کڻندي، نئين عبوري حڪومت کي فوج جي مڪمل حمايت حاصل هوندي، ايڊوائيزري ڪونسل ۾ 15 ميمبر هوندا. حلف برداري جي تقريب رات جو اٺين وڳي ٿيندي، جنهن ۾ 400 ماڻهن کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي. بنگلاديش ۾ جاري حڪومت مخالف مظاهرن ۽ پُرتشدد واقعن دوران شيخ حسينه واجد جي سياسي پارٽي عوامي ليگ جي 29 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا لاش مليا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب، هٿ آيل لاشن ۾ عوامي ليگ جا اڳواڻ ۽ سندن گهر ڀاتي شامل آهن ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته اِهي لاش شيخ حسينه واجد جي ملڪ ڇڏڻ کانپوءِ مليا آهن. ٻئي پاسي بنگلاديشي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته عوامي ليگ سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي گهرن، ڪاروباري مرڪزن ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ ڦرلٽ به ڪئي وئي آهي، هوڏانهن بنگلاديشي عوام هندستاني مداخلت کي رد ڪري ڇڏيو، سندن چوڻ هو ته اسان پنهنجا معاملا پاڻ سنڀالينداسين. بنگلاديش جي آرمي چيف وقار الزمان چيو آهي ته ملڪ ۾ صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ٽن چئن ڏينهن ۾ حالتون معمول تي اچي وينديون. ٽيليويزن تي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پوليس فورس جي بحالي جو ڪم ڪري رهيا آهيون، فوجي آفيسرن، شاگرد اڳواڻن، سياسي پارٽين ۽ صدر سان به ڳالهيون جاري آهن. آرمي چيف جو وڌيڪ چوڻ هو ته يقين آهي ته محمد يونس کي سمورن طبقن جي ماڻهن جي حمايت ۽ مدد حاصل ٿي ويندي. هوڏانهن محمد يونس ذميواريون سنڀالڻ لاءِ اڄ پئرس کان ڍاڪا پهچندو، پروفيسر محمد يونس جو چوڻ آهي ته جڏهن ايڏيون قربانيون ڏيندڙ شاگرد مون کان ڏکي گهڙي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ته انڪار ڪيئن ٿو ڪري سگهان، پروفيسر محمد يونس استعيفيٰ ڏئي فرار ٿي ويل اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد محمد يونس کي عوام جي رت چوسيندڙ شخص قرار ڏنو هو، عوام پرامن رهي هر قسم جي تشدد کان پاسو ڪيو وڃي،