| 3 صديون اڳ ٻڏي ويل جهاز ۾ 20 ارب ڊالرز جو سون موجود |
نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) ڪولمبيا ۾ 3 صديون اڳ ٻڏي ويل جهاز ۾ 20 ارب ڊالرز جو سون موجود هجڻ بعد ٽه ملڪي مالڪي تڪرار تيز ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسپين جو هڪ جنگي جهاز 1708 ۾ برٽش نيوي ڪولمبيا جي سامونڊي ڪناري وٽ ٻوڙيو هو . سان جوز نالي جهاز جو ملبو سامونڊي تهه ۾ ملڻ بعد سمنڊ ۾ تحقيق ڪندڙ سيڙپڪار گروپن پاران ان تي تحقيق شروع ڪئي وئي ، وڏي جدوجهد بعد سون ۽ چاندي جي سڪن جي پهرين قسط ٻاهر ڪڍي وئي. ماهرن موجب اهو جهاز ڪريبئين سمنڊ ۾ 600 ميٽر جي اونهائي ۾ موجود آهي جڏهن ته جهاز ۾ 20 ارب ڊالر ماليت جا هڪ ڪروڙ 10 لک سون ۽ چاندي جا سڪا موجود آهن. جهاز ۾ موجود ملڪيت جي تصديق ٿيڻ بعد ان جي مالڪي تي آمريڪا، ڪولمبيا ۽ اسپين ۾ قانوني تڪرار تيز ٿي ويو آهي. آمريڪي سيڙپڪارن جي گروپ سي سرچ آرماڊا جي تحقيقي اداري جو چوڻ آهي ته انهن 1982 ۾ اهو جهاز ڳولي لڌو هو انڪري ان ۾ موجود ملڪيت اسان جي آهي، ٻئي طرف ڪولمبيا جو چوڻ آهي ته اهو جهاز سندن سامونڊي حدن ۾ ٻڏو هو انڪري ان ملڪيت تي سندن حق آهي. هوڏانهن اسپين پڻ مالڪي جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته اهو جهاز اسان جو هو ۽ ان ۾ موجود ملڪيت به اسپين جي آهي