3 صديون پراڻي اخبار وينر زيتنگ جي اشاعت بند، ڊجيٽل ٿي وئي

جُولاءِ 3, 2023

ويانا (م ڊ) دنيا جي سڀ کان پراڻي اخبار جي روزاني اشاعت کي بند ڪيو ويو، اخبار 320 سالن کان شايع ٿي رهي هئي

آسٽريا جي اخبار (وينر زيتنگ) Wiener Zeitung کي دنيا جي سڀ کان پراڻي اخبار چيو ويندو آهي، 320سالن کان پڙهندڙن تائين خبرون پهچائيندڙ اها اخبار هاڻ پرنٽ جي صورت ۾ روزاني شايع نه ٿيندي پر ڊجيٽل موجود هوندي

 اخبار جي اشاعت 20 هزار ۽ هفتيوار موڪل دوران 40 هزار هئي، اها اخبار سرڪار جي ملڪيت هئي پر هڪ خودمختيار اداري جي طرز تي ڪم ڪندي هئي، اخبار پهريون ڀيرو 1703 ۾ شايع ٿي هئي، ٻي جنگ عظيم ۾ 1939 ۾ بند ٿي پر 1945 ۾ ٻيهر اشاعت شروع ٿي هئي

آخري پرنٽ ايڊيشن 30جون 2023 تي شايع ٿيو جنهن ۾ حڪومتي پاليسين جي ڪري اخبار روزاني بنيادن تي جاري ڪرڻ کي ناممڪن قرار ڏنو ويو، حڪومتي پاليسين جي ڪري هڪ ڪروڙ 80 لک يورو جو مالي نقصان ٿيڻ جو ڄاڻايو ويو جڏهن ته ان کان اڳ خرچ گهٽائڻ لاءِ 63 ملازمن کي به فارغ ڪيو ويو هو

 ياد رهي ته حڪومت اپريل ۾ هڪ قانون لاڳو ڪيو هو جنهن تحت ڪمپنين تي اخبارن جي پرنٽ ايڊيشن ۾ عوامي اعلانن لاءِ پئسا ڏيڻ جي پابندي ختم ڪئي وئي هئي، اخبار جي مالي خساري جو وڏو سبب اهو ئي بڻيو

 اهڙي طرح Wiener Zeitung جي اشاعت بند ٿيڻ سان دنيا جي قديم ترين روزاني اخبار جو اعزاز Hildesheimer Allgemeine Zeitung وٽ اچي ويو آهي اها اخبار 1705 کان شايع ٿي رهي آهي

Leave A Comment