3 مغوي بازياب نه ٿيا: اوٻاوڙي ۾ شٽر بند هڙتال، وارثن جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو
جنوري 5, 2025
گهوٽڪي/ڏهرڪي/اوٻاوڙو (نمائندن وٽان) اوٻاوڙو جي ڳوٺ لانگهو پيٽرول پمپ تان 12 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿي ويل ٽن ڄڻن ارباب ملڪ، شعبان پنهور ۽ مبين چاچڙ جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ جي يو آءِ پاران شٽر بند هڙتال ڪرائي مين چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مغوي ارباب ملڪ جي والد عيدن ملڪ کي بيهوشي جا دوارا پئجي ويا، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان موقعي تي شڪيل ملڪ، منير سپيو، پيرل پنهوار، صديق جتوئي، ابوبڪر شاهه ۽ ٻين چيو ته 12 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس نوجوانن کي بازياب ناهي ڪرايو، روزانو ٺلها آسرا ڏنا پيا وڃن، مغوين جي گهرن ۾ ماتم ڇانيل آهي، هنن چيو ته شهر جو امن امان خراب ٿي ويو آهي پر پوليس ڪجهه نه پئي ڪري، هنن مطالبو ڪيو ته مغوي بازياب ڪرايا وڃن.