3 ڄڻن جو قتل: سانگهڙ ۾ وارثن جو لاش رکي ٻئي ڏينهن به ڌرڻو، پوليس سان ڳالهين کان انڪار

جنوري 28, 2025

سانگهڙ (رپورٽ: سارنگ وساڻ) سانگهڙ ويجهو مال جي ڀيل تان جهيڙي ۾ 3 ڄڻن جي مارجڻ جو ڪيس داخل نه ٿيو، وارثن جو ٽئي لاش پريس ڪلب آڏو رکي ٻئي ڏينهن به ڌرڻو، ڊي ايس پي سانگهڙ مظاهرين وٽ پهتو، مظاهرين جواب ڏيئي ڇڏيو، ڪيس داخل ڪيو، سخت سردي ۾ وارث عورتون ۽ ٻار ڌرڻي ۾ ويٺل، خبر موجب گذريل ڏينهن سانگهڙ ويجهو چوٽياريون ٿاڻي جي حد ڳوٺ پنيهل جاني جوڻيجو ۾ مال جي ڀيل تان ٿيل جهيڙي ۾ ٽن ڄڻن جي قتل واري واقعي جو اڃا تائين پوليس ڪيس داخل ناهي ڪيو، جڏهن ته مقتولن جي وارثن ٻئي ڏينهن به سانگهڙ ۾ ٽئي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن، مظاهرين سان يڪجهتي لاءِ شهرين سميت وڏي انگ ۾ سياسي سماجي ماڻهن به شرڪت ڪئي، ڌرڻي ۾ مقتولن جي وارثن رڙيون ڪندي چيو ته اسان جي نوجوانن کي بيگناهه بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو، اسان کي يتيم ڪيو ويو پر قاتلن کي اڃا تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي، ڌرڻي ۾ عورتون روئينديون رهيون ۽ قاتلن جي جلد گرفتاري لاءِ دانهون ڪنديون رهيون، مظاهرين چيو ته جيستائين ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجو ۽ ٻين خلاف ايف آءِ آر داخل نه ڪئي ويندي، تيستائين تيستائين احتجاج جاري رکيو ويندو، هوڏانهن ڊي ايس پي سانگهڙ لونگ شر مظاهرين وٽ پهتو پر مقتولن جي وارٿن ڳالهيون ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته جيستائين ڪيس داخل نه ڪيو ويندو تيستائين ڌرڻو ختم ڪنداسين، جنهن بعد هڳو واپس موٽي ويو.

Leave A Comment