ايندڙ 25 ڏينهن دوران ملڪ ۾ گرمي جي 3 ھيٽ ويو اچڻ جو خطرو

مَي 16, 2024

ايندڙ 25 ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 3 ھيٽ ويو اچڻ جو خطرو آهي

اين ڊي ايم اي موجب سنڌ جي عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ٽنڊوالهيار، مٽياري، سانگهڙ جڏهن ته پنجاب جي بهاولپور ۽ رحيم يار خان ۾ گرمي جي پهرين ھيٽ ويو جو خطرو آهي

اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته 15 کان 30 مئي دوران انهن علائقن ۾ گرمي پد 40 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو ۽ گرمي به وڌيڪ محسوس ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته گرمي جي ھيٽ ويو جو هي پهريون اسپيل 2 کان 3 ڏينهن جاري رهي سگهي ٿو

اين ڊي ايم اي موجب مئي جي آخر يا جون جي شروعات ۾ گرمي جي ٻي لهر اچڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ گرمي پد 45 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو ۽ اهو 4 کان 5 ڏينهن تائين برقرار رهندو

جون جي پهرين 10 ڏينهن دوران ٽين گرمي جي لهر اچڻ جو امڪان آهي، هي هيٽ ويو ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، بدين ۽ خيرپور کي متاثر ڪندي

Leave A Comment