سنڌوءَ ذريعي 3لک 20هزار ڪيوسڪ پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ، ٺٽي جو ڪچو پاڻي هيٺ، لڏپلاڻ
آگسٽ 29, 2024
ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ڪوٽڙي بئراج جي هيٺائين پاسي سنڌو درياءَ ۾ 3 لک 20 هزار 800 ڪيوسڪ وهڪري جي سمنڊ ۾ ڇوڙ کان اڳ ٺٽي جي وسيع ڪچي واري علائقي جي پاڻي هيٺ اچڻ بعد ڪچي جي ڳوٺن مان لڏپلاڻ جي سلسلي ۾ تيزي اچي وئي آهي . ڪوٽڙي بئراج جي هيٺائين پاسي سنڌو درياءَ جي وهڪري ۾ واڌ اچڻ کانپوءِ ٺٽي جي حدن مان گذري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ 3 لک 20 هزار 800 ڪيوسڪ پاڻي جي وهڪري ڪچي جي وسيع علائقي کي پاڻي هيٺ آڻڻ بعد ٺٽو سجاول کي ڳنڍيندڙ پل شهيد دولھ درياءَ خان وٽان گذرندي انڊس ڊيلٽا سميت سمنڊ ۾ تيزي سان ڇوڙ شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سنڌوءَ ۾ ننڍي ٻوڏ واري وهڪري سببشهيد دولھه درياءَ خان پل ڀرسان مٽڪا مياڻ جي وڏي انگ ۾ رهواسين لڏپلاڻ ڪري پل جي اسپل وي تي پناھه ورتي جڏهن ته پل جي کاٻي پاسي پڻ ڳوٺ رمضان ميربحر جي سيف اسڪول جي عمارت جي پاڻي جي گھيري هيٺ اچڻ بعد هتان جي رمضان ملاح جي ڳوٺ جي سوين ڳوٺاڻن پاران پڻ لڏپلاڻ ڪري پل جي ڀرپاسي سنڌوءَ کي ڏنل اسپل وي تي پناهون حاصل ڪري ورتيون، ٻئي پاسي سنڌوءَ جو 3 لک 20 هزار ڪيوسڪ کان مٿي وارو گذرندڙ وهڪرو سنڌوءَ جي حفاظتي بندن سونڊا هيلايا بند، پي بي بند ، اگھيماڻي بند ۽ بي يو گليل بند سان پڻ ٽڪرائجي ويو جڏهن ته سمنڊ ۾ تيزي اسان ڇوڙ ڪندڙ سنڌوءَ جي وهڪري سبب ڪچي ۾ پوکيل آبادگارن جا فصل پڻ لڙهي ويا آهن، هوڏانهن سنڌوءَ جي وڌندڙ وهڪري سبب ڪچي ۾ پاڻي جي اچڻ بعد محفوظ هنڌن تي کلي آسمان هيٺ پناھ وٺندڙ متاثرن جي اهنجن ۾ لاڳيتي برسات جي وسڪاري بعد ٻيڻ تي اضافو ٿي ويو، سنڌوءَ جي پل آخري پل شهيد دولھ درياءَ پل جي ٻڻهي پاسن جي ڏنل اسپل وي تي پناھه وٺندڙ متاثرن پاران چيو ويو آهي ته هنن کي لڏپلاڻ ڪندي 2 ڏينهن ٿيا پر هن مهل تائين ضلعي انتظاميه توڙي چونڊيل نمائندن پاران سندن کان واهر ناهي لڌي وئي هو هڪ ئي وقت سنڌوءَ جي وڌندڙ وهڪري سبب پنهنجا گھر تڙ ڇڏي سر بچائي اچي حافظتي بندن تي کلي آسمان هيٺ ويهڻ تي مجبور آهن ته ٻئي پاسي لاڳيتي برسات سندن رهيل سهيل ڪسر به ڪڍي ڇڏي، هنن ٺٽي جي ضلعي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن کان گھر ڪئي ته فوري طور تي امدادي سرگرميون شروع ڪري سندن سار لڌي وڃي