درگاهن جي ڪاغذي مرمت تان معطل 3 عملدارن کي بچائڻ جا جتن

جُولاءِ 22, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ مختلف درگاهن جي ڪاغذن ۾ مرمت  ڪرائڻ تان معطل 3 عملدارن کي بچائڻ جا جتن،  ان ڏس ۾  اوقاف کاتي  جي نگراني  ۾ هلندڙ  درگاھه سچل سرمست ، درگاھ غائب شاھ ڪياماڙي جي مينيجر آفيس، ڪُنڊي شاھ ڪورنگي ، درگاھ نور علي شاھ سميت مختلف درگاهن جي ڪاغذي مرمت واري معاملي جي سي ايم انسپيڪشن ٽيم پاران ڪيل انڪوائري ۾ اسسٽنٽ انجنيئر محمد علي پانڌياڻي، اڪائونٽنٽ غلام رسول سومرو ۽ تڏهوڪي ڊي ڊي او اويس ڀٽي کي ذميوار قرار ڏيڻ ۽ اوقاف کاتي پاران ٽنهي عملدارن کي معطل ڪرڻ بعد اوقاف کاتي پاران جوڙيل هڪ ٻي انڪوائري ڪاميٽي پاران کين ”ڪلين چِٽ“ ڏيڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن.  ان ڏس ۾ چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف سيد عطاالله شاھ جي سربراهي ۾ قائم انڪوائري ڪاميٽي ڄاڻايل درگاهن جو دورو ڪرڻ ۽ سرزمين تي ٿيل ڪمن جو جائزو وٺڻ بِنا رڳو الزام هيٺ آيل عملدارن جا بيان ورتا ويا آهن، جنهن ۾ ٽنهي عملدارن ڪاغذي ڪمن جو رڪارڊ پيش ڪيو آهي. ذريعن موجب وزيراعلي انسپيڪشن ٽيم پنهنجي انڪوائري رپورٽ ۾ واضح طور ڄاڻايو هو ته سرزمين تي ڪم ٿيل ناهي پر رڳو رڪارڊ ۾ ڪم  ظاهر ڪيو ويو آهي،  انهي  باوجود اوقاف کاتي پاران قائم ڪيل انڪوائري ڪاميٽي پاران رڳو الزام هيٺ آيل عملدارن جي بيانن آڌار تي ٻي انڪوائري رپورٽ تيار ڪرڻ ڪوشش ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته معطل ٿيل  ٽنهي عملدارن خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري معاملي جي نيب ۾ پڻ جاچ هلندڙ آهي.

نيب ۽ اينٽي ڪرپشن  ڪيسن کي منهن ڏيندڙ غلام محمد شيخ اڪائونٽنٽ بڻيل

ڪراچي: نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جي ڪيسن کي منهن ڏيندڙ عملدار غلام محمد شيخ ڪيتري عرصي کان اوقاف کاتي ۾ اڪائونٽنٽ واري اهم عهدي تي مقرر ٿيل آهي. ان سلسلي ۾ اوقاف کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته آفيسرن جي کوٽ سبب غلام محمد کي اها ذميواري ڏني وئي آهي.

درگاھه ڀٽ شاھه تي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر نور پهوڙ مينيجر مقرر!

ڪراچي: اوقاف کاتي جي نئين چيف ايڊمنسٽريٽر سيد عطاالله شاھ پپنهنجا نوازي جو نئون مثال ڪري ڇڏيو، اوقاف کاتي جي 17هين گريڊ جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر نور پهوڙ کي درگاھ ڀٽ شاھ جو مينيجر مقرر ڪري ڊي ڊي او پاور به سندس حوالي ڪري ڇڏيا، واضح رهي ته ميڊيڪل سائيڊ جو عملدار انتظامي پوسٽ تي مقرر ٿي نٿو سگھي.

Leave A Comment