حيدرآباد ۾ 32 ملي ميٽر برسات، بجلي بند، 24 فيڊر ٽرپ، مکين ۽ مڇرن جو آزار
آگسٽ 29, 2024
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد شهر ۽ ان ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. شهر جي سبزي مارڪيٽ واري علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ٻار فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. برسات سبب شهر جي اڪثر علائقن جي بجلي 24 ڪلاڪن تائين بند رهي، شهري علائقن ۾ اڱاري جي صبح کان اربع جي شام تائين 32 ملي ميٽر ۽ ايئرپورٽ وارن علائقن ۾ به 32 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. برسات سبب موسم خوشگوار بڻيل آهي. بجلي جي اڻهوند، لاڳيتي برسات، مکين ۽ مڇرن جي ڪري شهرين کي وڌيڪ پريشانيون ڀوڳڻيون پئجي رهيون آهن. حيسڪو پاران بجلي جي نظام کي درست نه ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري شهر جا اڪثر فيڊر 24-24 ڪلاڪن تائين بند رهيا. بجلي بند هجڻ جي ڪري شهري انتظاميا کي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. شهر جي جن علائقن ۾ برساتي پاڻي جمع ٿيل آهي انهن ۾ ريلوي ڪالوني، گڊس ناڪو، فردوس ڪالوني، لياقت ڪالوني، ڪڇي پاڙو، ٽيون نمبر تلاءُ، ٽنڊو طيب، اسلام آباد چوڪ، فقير جو پڙ، ميمڻ اسپتال چوڪ، ٽمبر مارڪيٽ، گئوشالا، ڦليلي پار، ڀٽي ڳوٺ، حر ڪئمپ، ماروي ٽائون، ڀٽائي ٽائون، واڌو واهه جي ٻنهي پاسن جون هيٺاهين واريون وسنديون، سحرش نگر، قاسم آباد فيز ون ۽ ٽو جا ڪجهه علائقا، وحدت ڪالوني، جي او آر ڪالوني، حسين آباد چوڪ، آٽو ڀان روڊ، حالي روڊ، بدين چالي، بدين بس اسٽاپ، پراڻي سبزي مارڪيٽ، فتح چوڪ، سائيٽ ايريا، لطيف آباد نمبر 2، 3، 4، 5، 6، 7، 8، 11 ۽ 12 وارا علائقا شامل آهن. حيدرآباد جي شهري انتظاميا رسمي طور شهر جي دورن ۾ مصروف آهي پر پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري زندگي جو ڪاروهنوار مفلوج ٿي ويو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن دوران 30 ملي ميٽرن کان وڌيڪ برسات ڪا اهميت نٿي رکي پر ڊرينيج نظام درست نه هجڻ جي ڪري شهرين لاءِ برسات رحمت بدرا زحمت بڻجي وئي آهي. شهر جي ميئر ڪاشف شوري، ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ پنهنجي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن سان گڏجي شهر جي مختلف علائقن جا دورا ڪيا ۽ پمپنگ اسٽيشنن جو معائنو ڪري پاڻي جي نيڪال لاءِ هدايتون ڏنيون. هوڏانهن شهر جي سبزي مارڪيٽ حالي روڊ واري علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 7 سالن جو نينگر علي حسين فوت ٿي ويو جڏهن ته گهر جا 4 ڀاتي زخمي ٿي پيا جن ۾ هڪ ٻار به شامل آهي. زخمين ۾ مجيد ولد غفار گدي پٺاڻ، عماره بنت غفار ۽ ارباز ولد فريد شامل آهن. ابتدائي طور ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان 7 سالن جي علي حسين اسپتال ۾ دم ڏنو. ٻين زخمين جو علاج جاري آهي
مبارڪپور جي موسيٰ الهه آباد شاخ کي لڳل گهارو 50 فوٽ ٿي ويو
مبارڪپور(ن پ ا) مبارڪپور لڳ موسيٰ الهه آباد شاخ کي ڳوٺ لاشار گولو وٽان لڳل گهارو 50 فوٽ ٿي ويو، آبپاشي کاتي جا عملدار نه آيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل ٻڏي تباھ ٿي ويو، گهاري جو پاڻي آبادين ۾ داخل ٿيڻ تي ڳوٺ نظام الدين مستوئي، جمن شاھ، زرق بروهي، لاشار گولو ۽ عبدالجبار کوسو سميت 6 ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، پاڻي ڳوٺاڻن جي گهرن ۾ پهچي ويو، موسيٰ الهه آباد شاخ کي لڳل گهاري کي بند ڪرڻ لاءِ رهواسي پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رڌل آهن، گهاري جو جائزو وٺڻ لاءِ آيل مختيارڪار ٺل ديدار ڪنراڻي آڏو ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته فصل ٻڏي ويا گهر ۾ پاڻي پهچي ويو پر ڪنهن به سار نه لڌي آهي، جنهن تي مختيارڪار ٺل ديدار ڪنراڻي اهو چوندي هليو ويو ته آئون گھارن کي بند ڪرائيندس، ان لاءِ آيو آهيان، هوڏانهن ڳوٺاڻن نظام مستوئي، شفيق جبار کوسو، عبدالغني بھراڻي ۽ محبوب مستوئي صحافين اڳيان دانهيو ته گذريل ٻن مهينن کان دانهون پيا ڪيون، ڪير به نه آيو آهي، جيڪو اچي ٿو اهو فوٽو ڪڍرائي واپس هليو وڃي ٿو، هنن مطالبو ڪيو ته گهارو بند ڪرائي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.
نيوسعيدآباد ۾ 6 ڊسپوزل غيرفعال، صوبائي وزير نوٽيس ورتو
مٽياري (رپورٽر) نيوسعيدآباد تعلقي ۾ پاڻي نيڪالي جا 6 ڊسپوزل غير فعال هجڻ جو فوڪل پرسن رين ايمرجنسي ضلعي مٽياري صوبائي وزير بحالي مخدوم محبوب الزمان نوٽيس ورتو. صوبائي وزير جي هدايتن ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ سپرنٽينڊنگ انجنيئر حسيڪو حيدرآباد ۽ ايڪسيئن حسيڪو مٽياري کي خط لکي برساتن بعد پيدا ٿيل صورتحال ۾ پاڻي نيڪالي کي يقيني بڻائي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ حيسڪو عملدارن تي خصوصي سهڪار لاءِ زور ڀريو آهي. ڊي سي مٽياري حيسڪو عملدارن کان گھر ڪئي آهي ته بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب سعيدآباد تعلقي جا 6 ڊسپوزل غير فعال بڻيل آهن جنهن ڪري سڪندر ۽کچي فيڊر جي فيز ٿري تي گهٽ کان گهٽ لوڊشيڊنگ ڪري بجليءَ جي لڳاتار مهيا ڪئي وڃي ته جيئن برسات جو پاڻي نيڪال ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري حسيڪو عملدارن کي خاطري ڪرائي ته پاڻي نيڪالي لاءِ ٻنهي فيڊرن تي بجليءَ جي مسلسل فراهمي سبب چارج ٿيندڙ يونٽن کي توانائي کاتي آبپاشي کاتي سان گڏجي ڪري ايڊجسٽ ڪيو ويندو.
سنڌ سرڪار جي لاپرواهي سبب عوام جو نقصان پيو ٿي: عوامي تحريڪ
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، لال جروار، ڊاڪٽر دلدار لغاري ۽ ٻين چيو آهي ته برسات متاثرن کي هنگامي بنيادن تي ريسڪيو ڪيو وڃي، درياهه جي ڪچي جي ٻوڏ متاثرن جي به سهائتا ڪئي وڃي. سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب برساتن دوران عوام جو تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿي رهيو آهي. سنڌ سرڪار ڪرپشن ڪري، هٿ وٺي ڳوٺ ٻوڙائي، ماڻهو مارائي رهي آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته برسات دوران موسميات توڙي آبپاشي جي صورتحال جي پل پل جي عوام کي درست ڄاڻ پهچائي وڃي.
عمرڪوٽ شهر ۾ مسلسل 12 ڪلاڪن تائين برسات، روڊ رستا پاڻي هيٺ، بجلي فراهمي بند
عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي طوفاني برسات جو سلسلو جاري رھيو، مسلسل 12 ڪلاڪن تائين برسات سبب ھيٺيان وارا علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا، ڇور کيت سنگھه، اکيراج مانڌل، مولابخش موڙ، لکو موري، آڏتيو واٽر، جاگير کاروڙو سميت ڪيترائي علائقا برساتي پاڻي ھيٺ اچي ويا، جڏھن ته فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آھي، روينيو عملدارن رابطو ڪرڻ تي ڊي سي عمرڪوٽ نويد رحمان لاڙڪ ٻڌايو ته تيز برسات سبب زرعي توڙي مالي نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاء چئني تعلقن ۾ تپيدارن ۽ سپروائيزرن معرفت سروي ڪري انگ اکر گڏ ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن، ٻئي طرف شھر جي الله واري چوڪ، تين تلوار، لانٻا گرائونڊ ۾ برساتي پاڻي بيھجي ويو، روحل بس اسٽينڊ پاڻي ھيٺ اچي وئي، برسات دوران معمول موجب بجلي غائب رھي.
ميرپور ساڪرو: بي گھر ٿيلن ۾ 60 ٽينٽ ۽ هڪ سئو خاندانن ۾ راشن ورهايو ويو
ميرپور ساڪرو (ن پ ا) ميرپور ساڪري ۾ طوفاني برساتن سبب يوسي کڳاڻ جي مختلف ڳوٺن ۾ بي گھر ٿيل ڳوٺاڻن 60 ٽينٽ ۽ هڪ سئو خاندانن ۾ ھڪ مھيني جو راشن ورهايو ويو، يونين ڪائونسل کڳاڻ جي چئيرمين خان محمد ھديو بلوچ چيو ته کڳاڻ جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال لاءِ مشينون موڪلي ڇڏيون آهن جيڪي پاڻي نيڪالي ۾ مصروف آهن.
سکر جا برساتن ۾ روڊ رستا تباهه: هاءِ ڪورٽ پاران ڌرين کي نوٽيس
سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ ايڊووڪيٽ شبير شر پاران 2022ع جي برساتن دوران تباهه ٿيل روڊن ۽ ڊرينيج سسٽم جي تعمير ۾ دير جي حوالي سان داخل درخواست جي ٻڌڻي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي پٽيشن جي ٻڌڻي 4 سيپٽمبر تي مقرر ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ شبير شر پٽيشن ۾ ڄاڻايو هو ته 2022 دوران برساتن ۾ تباهه ٿيل روڊن جي اڃا تائين مرمت نه ڪئي وئي آهي، سنڌ حڪومت ڊرينيج سسٽم ٺاهڻ ۽ پاڻي جي قدرتي گزر گاهن تان قبضا ختم ڪرڻ جو يقين ڏياريو هو،پر پاڻي جي نيڪال لاءِ اسڪارپ ٽيوب ويل ناهن هلايا نه ئي قبضا ختم ڪرايا ويا آهن ۽ نه ئي برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ قدم کنيا آھن 2 سال گذرڻ باوجود روڊن جي تعمير نه ٿيڻ سبب عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي عدالت پٽيشن کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏيندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 4 سيپٽمبر مقررڪري ڇڏي.
ڪنري ۾ لاڳيتو 24 ڪلاڪن تائين برسات، ٻوڏ جھڙي صورتحال پيدا ٿي وئي
ڪنري (ن پ ا) ڪنري تعلقي لاڳيتو 24 ڪلاڪن کان ھلندڙ برسات تباھي مچائي ڇڏي، ٻوڏ جھڙي صورتحال پيدا ٿي وئي، برسات سبب ڪيترائي ڳوٺ ۽ ھيٺائين وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳو ۽ مسڪين ماڻھن جو بيٺل ڦٽي ۽ مرچن جو فصل ٻڏي ويا آھن ۽ ڪجھه علائقن مان ته ماڻھن لڏ پلاڻ ڪري محفوظ ھنڌ تي منتقل ٿيڻ شروع ڪري ڇڏيو، 24 ڪلاڪن دوران 110 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، ڀڏو ڪپري، ٽالھي، آغا فارم، پڪو موڙ سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڪچا گھر پٽ پئجي ويا، ڪنري شھر جي مڇي مارڪيٽ ۾ ڀيمون لوهار جي دڪان جي ڇت ڪري وئي، شھر جي رحمت ڪالوني، بلوچ پاڙو، مھراج ڪالوني، سميع الله ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ چئو طرف برساتي پاڻي بيھجي ويو، مندر روڊ، ڪولھي بازار، ريشم بازار، گڙ منڊي روڊ، پريس ڪلب روڊ، سميت شھر جا اڪثر روڊ پاڻي سان ڀرجي ويا.
بٺورو شھر ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ برسات، روڊ رستا پاڻي هيٺ
ميرپور بٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺوري ٽئين ڏينھن به وقفي وقفي سان برسات جاري رهي، شھر توڙي ٻهراڙين جي ڪيترن ئي جاين ۽ ڳوٺن ۾ برسات جو پاڻي بيھجي ويو، ٻئي طرف بٺوري تعلقي جي سم نالن کي کاٽي نه ٿيڻ سبب آبادگارن کي پُڻ وڏي نقصان جو خدشو آھي، آبادگارن جو چوڻ آھي ھيل ساريالي فصل جو اگھ بنھ گھٽ آھي ۽ ٻي پاسي آبپاشي ۽ ڊينيج کاتي جي اعلي عملدارن پاران ھٿ وٺي زميندارن کي ٻوڙڻ جو پلان تيار ڪيو ويو آھي، سم نالن کي وقت سر کاٽي نه ٿيڻ سبب ھاڻي جيڪڏھن برسات جو پاڻي وڏي پئماني تي سم نالن ۾ اچي ڪرندو ته سم نالن جو ابتي وھڻ جو وڏو امڪان موجود آھي جيڪو ڪيترن ئي آبادگارن جي ساريالي فصل جي تباھي ڪري ڇڏيندو.
سنڌڙي ۾ 24 ڪلاڪن تائين طوفاني برسات، گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون
سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي تعلقي ۾ 24 ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان طوفاني برسات جو سلسلو جاري رهيو، ڪيترن ئي ڪچن گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون، جڏهن ته هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، برسات سبب بجلي فراهمي پڻ معطل ٿي وئي، جڏھن ته مرچ، ڪمند ۽ وونئڻن سميت بصر جي فصل ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو، سم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري پاڻي سان ڀرجي ويا.
نيوڇور ۾ طوفاني برسات ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ
نيوڇور (ن پ ا) نيوڇور ۽ آس پاس جي علائقن ۾ 24 ڪلاڪن کان برسات جو سلسلو جاري رهيو، ڳوٺ سڻوھي، شھميرا جي ڍاڻي، پرچي جي ويري ۽ ڏوڏاھار سميت ٻين ڳوٺن ۾ طوفاني برسات سبب ڪيترائي ڪچا گھر پٽ پئجي ويا، جڏهن ته شھر جو ھيٺيان وارو علائقو پاڻي ھيٺ اچي ويو، 24 ڪلاڪن کان ھلندڙ برسات سبب بجلي فراهمي بند آهي.
پنگريي ۾ 48 ڪلاڪن تائين برسات، ايل بي او ڊي ۾ چاڙهه
پنگريو (ن پ ا) پنگريو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 48ڪلاڪن کان تيز طوفاني برسات جو سلسلو جاري رهيو، شھر جي شاھي بازار، سول اسپتال ۽ مين سمن سرڪار روڊ پاڻي ھيٺ اچي ويا، جڏهن ته ايل بي او ڊي ۾ پاڻي 245 آر ڊي وٽ 16 فوٽ تائين چاڙهه اچي ويو، 22سم نالن جو پاڻي کڻي ايل بي او ڊي ۾ زيرو پوائينٽ وٽان ڇوڙ ڪندڙ برانچ ڊرين تار وھڻ لڳي، ايل بي او ڊي جي 210 آر ڊي پنگريو ڍورو وٽان تازو وڏي وزير جي افتتاح ڪيل دروازن کي اسپائينل ڊرين تان دٻاءُ گھٽائڻ لاءِ پراڻ ندي ۾ پاڻي کوليو ويو، اھڙي صورتحال سبب علائيقي جي رھواسين ۾ وڏي خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي .
برسات حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آھي: اياز لطيف
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته برسات حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آھي. شھرن ۾ ڊرينيج سسٽم ناھي، پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري رستا، گھٽيون ۽ ھيٺاھين وارا علائقا پاڻي سان ڀرجي ويا آھن. ٻھراڙي وارن علائقي ۾ نيڪال جو نظام ناھي. سم نالن جي صفائي ۽ انھن جا بند مضبوط ناھن ٿيا. حڪومتي نااھلي جي ڪري برسات رحمت بدران زحمت بڻجي وئي آھي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته برسات سبب غريب ماڻھو ۽ مالوندن ماڻھو سخت تڪليف ۾ آيا آھن ۽ انھن جو وڏو نقصان ٿيو آھي. برسات سبب جن متاثرن جا گھر ڪري پيا آھن انھن کي گھر ٺھرائي ڏنا وڃن.
ميرپورخاص ۾ بجيٽ مان ٽائون ۽ يوسي چيئرمين ڪم نه ٿا ڪرائين: مير طارق ٽالپر
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ برساتن کي منھن ڏيڻ لاءِ اجلاس، وڏي وزير جي برساتن بابت فوڪل پرسن مير طارق ٽالپر چيو آھي ٻوڏ کان بچڻ لاءِ قدرتي وھڪرن جي بحالي لازمي آھي، يونين ڪائونسلن کي فنڊز ملن ٿا پر اھي برساتن ۾ متاثرن جا اھنج گھٽائڻ لاءِ استعمال نه ٿا ڪيا وڃن، ميرپورخاص ۾ برساتن بعد پيدا ٿيل صورتحال تي صوبائي وزير مير طارق ٽالپر جي صدارت هيٺ ڪمشنر آفيس ۾ اجلاس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وڏي وزير جو صلاحڪار جنيد بُلند، ڪمشنر ميرپورخاص فيصل احمد عقيلي، ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد سونھارو جسڪاڻي، ڊي سي ميرپورخاص ڊاڪٽر رشيد احمد مسود، ميئر ميرپورخاص عبدالرئوف غوري سميت مختلف کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي فوڪل پرسن نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ جي اختيارين کي ھدايت ڪئي ته نارا ڪئنال ۾ پاڻي جو گيج گھٽايو وڃي، ھن ايل بي او ڊي اختيارين کي پڻ ھدايت ڪئي ته جتي بند ڪمزور آھن، مضبوطيءَ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن، اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي مير طارق ٽالپر چيو ته ميرپورخاص جا ٻن ٽائون چيئرمينن جي ڪارڪردگي نظر نٿي اچي، نھه ئي يوسي چيئرمينن جو ڪردار نظر اچي ٿو، ان بابت وڏي وزير کي آگاھي ڏيندس.
بدين شھر کي برسات ٻوڙي ڇڏيو، سرڪاري آفيسون ۽ تعليمي ادارا پاڻي هيٺ، بجلي به بند
بدين (رپورٽر) بدين شھر ۽ سميت ساحلي علائقن ۾ برسات جو زور دار سلسلو جاري رهيو، بدين شهر جي شاھه لطيف روڊ، ڪينٽ روڊ، قائداعظم روڊ، گولاڙچي روڊ، مهراڻ چوڪ روڊ، آرمي شگر مل روڊ، سول اسپتال روڊ ۽ ريلوي اسٽيشن روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا، غريب آباد، شهباز ڪالوني، آبپاشي ڪالوني، قائد آباد، سنگهاڻي محلو ۽ علي ٽائون سميت 14 وارڊن جي گهٽين ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو، برساتن سبب گورنمينٽ هاءِ اسڪول بدين، لاڙ ڪيمپس بدين، اقرا هاءِ اسڪول بدين، اسلاميه ڪاليج بدين ۽ گرلس ڪاليج بدين پاڻي هيٺ آهن، خانگي اسڪولن پاران ٽن ڏينهن لاءِ موڪلن جو اعلان ڪيو ويو، ٻئي طرف مختيارڪار آفيس، پبلڪ هيلٿ آفيس، ايڪسائيز ڪالوني، فشريز آفيس ۾ پڻ برساتي پاڻي داخل ٿي ويو، جڏهن ته بدين سٽي فيڊر ٽو جي بجلي ٽن ڏينهن کان بند پيل آهي، ھوڏانھن فوڪل پرسن رين ايمرجنسي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھه دربار هال بدين ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي، صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ چيو ته بدين شهر سميت ضلعي جي سمورن شھرن مان پاڻي جي نيڪالي جو ڪم تيز ڪيو وڃي، اسپتالن ۽ ريسڪيو جي عملي کي فعال ڪيو وڃي، سمورا ادارا 24 ڪلاڪ ايمرجنسي ڊيوٽي تي موجود رهن، غفلت جي صورت ۾ ڪنهن کي بخش نه ڪيو ويندو، اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر بدين ضلعي چيئرمين بدين پبلڪ هيلٿ صحت ايريگيشن روينيو حيسڪو لائيو اسٽاڪ ڊينج کاتي جا ڪامورا موجود هئا.
ملڪاڻي شريف شهر سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ 24ڪلاڪن تائين مسلسل طوفاني برسات
ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف شهر سميت سمن سرڪارم مهراب چانڊيو، ٻنگار پتافيم ٽيل سانگي فراهو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 24ڪلاڪن تائين مسلسل برسات روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا، سرڪاري اسپتال ۽ مين بازار ۾ پاڻي بيهجي ويو، 24 ڪلاڪن کان بجلي بند هئڻ ڪري رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا.
ڪوٽ غلام محمد ۾ 18ڪلاڪن تائين مسلسل برسات جل ٿل ڪري ڇڏيو
ڪوٽ غلام محمد(ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد، ڪوٽ ميرس، ڏھون ميل، بشير آباد، ڊينگاڻ رستي، ڪاڇيلو اسٽيشن، بکوري، ڊينگاڻ ڀرڳڙي، واگھريجي، ناصر موڙ، مير خالد لانڍي، سرڪاري فارم، پچاڻ موري سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ 18ڪلاڪن تائين مسلسل برسات جاري رهي، برسات سبب فصلن کي ڪاپاري نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو ويو، جڏھن ته شھر جا مين روڊ ۽ گهٽيون پاڻي سان ڀرجي ويون.
ٺٽي ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، 50 کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ، روڊ رستا پاڻي هيٺ، بجلي بند
ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ۾ به گذريل ٽن ڏينهن کان جاري تيز طوفاني برساتن وڏي تباهي مچائي ڇڏي، ڳوٺ بشام کوسو ۾ 15 کان وڌيڪ پورھيتن لونگ کوسو، الھداد، نورالدين، سلام الدين، صدام، الھجڙيو، علي گل، گلشير، پير ڏنو، خالد، شريف، محمد الرحيم، غلام رسول، اڪبر، سڪندر، گل حسن کوسو جا ڪچا گھر ڊهي پٽ پئجي ويا، ڳوٺ خير محمد شورو جي رھواسي يار محمد شورو پاران پاڻي جي بور تي لڳل سندس قيمتي 36سولر پليٽون تباهه ٿي ويون، جڏهن ته ڳوٺ چنيسر شورو ۾ چئن پورھيتن جلال شورو، ولڻ شورو، چنيسر شورو ۽ علي محمد خاصخيلي جا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا، ڪوھستاني ڳوٺ حاجي الھبخش شورو ۾ 7 پورھيتن الھورايو شورو، رسولو، ربڏنو، عبدالمجيد، عبدالقيوم، معشوق شورو ۽ شمن علي شورو جا گھر ڊھي پيا، ڳوٺ امين شورو ۾ احمد علي خاصخيلي، شمن، آصف خاصخيلي ۽ ٻين جا گھر ڊھي پيا، متاثر کليل آسمان ھيٺ بي يارومددگار بڻيل آھن، ضلعي انتظاميا ٺٽو توڙي چونڊيل نمائندن برسات متاثرن جي ڪا به واھر نه ڪئي، هوڏانهن ٺٽي ۾ ٽن ڏينهن کان جاري برساتن زمينن ۾ بيٺل ساريال جي فصل توڙي لاباري ڪيل ساريال جي فصل سميت ٻين فصلن کي به ڪاپاري ڌڪ رسايو آھي، جڏهن ته ٽن ڏينهن کان جاري برسات سبب بجلي فراهمي معطل آهي.
سجاول ۾ رات جو 6 ڪلاڪ لاڳيتي برسات، گهر ٽمي پيا
سجاول(رپورٽر) سجاول ۾ رات ڇه ڪلاڪن کان مسلسل برسات جاري رهي برسات سبب شهري سخت پريشان رهيا. برسات سبب سوين گهرن جو ڇتون ٽمي پيون. برسات سبب هيٺاهن علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهي ويو عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي.
ڍوروناري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفاني برسات جو سلسلو جاري
ڍورونارو (ن پ ا) ڍوروناري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري رهيو، شھر جي مين روڊ رستن سميت ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته ھزارين ايڪڙن تي پوکيل وونئڻن جو فصل به پاڻي هيٺ اچي ويو، ٻن ڏينهن کان بجلي بند هئڻ ڪري رهواسي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا.
اسلام ڪوٽ ۽ ڏيپلي ۾ پنجين ڏينهن به برسات، ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ
اسلام ڪوٽ/ ڏيپلو (نمائندن وٽان) اسلام ڪوٽ شهر سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ سڄو ڏينهن وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، تيز هوا سبب ڪچا گهر ڪري پيا، ڳوٺ جئندو درس ۾ بجلي جون تارون گهرن ڀرسان ٽٽي ڪري پيون، لوهار پاڙو، ميگهواڙ، بجير پاڙي سميت سڄي شهر ۾ پاڻي بيهجي ويو، هوڏانهن ڏيپلي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 36 ڪلاڪن کان برسات جو سلسلو جاري رهيو، روينيو عملدار موجب 36 ڪلاڪن ۾ 180 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي آھي، وقفي وقفي سان جاري رهندڙ برسات سبب بدين اسٽاپ، معصوميه امام بارگاه، پنڃارا محله،ڪلر محلو، مينگهواڙ محلي سميت تعلقه اسپتال به پاڻي ھيٺ اچي وئي.
نئون ڪوٽ ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي گهر ڊهي پٽ
نئون ڪوٽ (رپورٽر) نئون ڪوٽ ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان هلندڙ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، جڏهن ته متاثر کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، جڏهن ته نئون ڪوٽ شھر سميت ٿرپارڪر ضلعي جي ڪلوئي تعلقي ۾ ايندڙ سنتورو بازار، ٻاويھه ميل موري، ڪلوئي شهر سميت علائقي ۾ برساتي پاڻي بيهڻ ڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل مرچ ڦٽي جو فصل پڻ پاڻي هيٺ اچي ويو، لاڳيتو برساتن بعد نئون ڪوٽ وٽان گذرندڙ ايل بي او ڊي اسپائنل ڊرين، پراڻ ندي ۽ هاڪڙي دريا جي وهڪرن ۾ پڻ چاڙهه اچي ويو، ايل بي او ڊي ۽ قدرتي وهڪرن جا بند ڪمزور ٿيڻ ڪري علائقي واسين م خوف واري لهر ڇائجي وئي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته رين ايمرجنسي لاڳو هئڻ باوجود مقرر فوڪل پرسن سميت ضلعي انتظاميا ڪٿي به نظر نه آئي جنهن جي ڪري اسان بي يارو مددگار ويٺل آهيون..
پنوعاقل ڀرسان ٻالڪ راند ڪندي برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت
پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان امام ڳوٺ ۾ ٻن ورھين جو ٻالڪ ذيشان پٽ شفيق ميربحر گھر ٻاھران بيٺل برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، ٻالڪ جا وارث کيس مقامي اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ٻالڪ جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، وارثن ٻڌايو ته ٻالڪ راند ڪندي برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿيو ويو.