3،3 اسڪول هنج وٺو: سردارشاهه جو 168 ايم پي ايز کي خط
آگسٽ 7, 2024
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه پرڳڻي جي سرڪاري اسڪولن جي مالڪي لاءِ سنڌ اسيمبلي جي 168 ميمبرن کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته اسيمبلي ميمبر پنهنجي تڪ جي گهٽ ۾ گهٽ ٽن اسڪولن جي ذميواري کڻن، اهي اداري جي سمورن انتظامن جي نگراني ڪن. صوبائي وزير موجب ايم پي ايز پاران اسڪول جي مالڪي ڪرڻ سان معاشري ۾ ذميواري جي احساس واري روايت کي ھٿي ملندي، اسڪولن جي مالڪي ٿيڻ سان تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. خط موجب ايم پي ايز پنهنجي تڪ جي ڪميونٽيز خاص طور تي استادن ۽ والدين جي شراڪت سان اسڪولن ۾ سڌارا آڻي سگهن ٿا، صوبائي وزير موجب اسان جن اسڪولن مان پڙھيا آھيون، اسان کي انھن اسڪولن سان وفا ڪرڻي پوندي، عوامي نمائندا ڪردار ادا ڪن ته جيئن مستقبل ۾ پورو سماج روشن مستقبل لاءِ اسان جو ساٿ ڏئي.
نوابشاهه جا گوسڙو استاد پرڏيهه هجڻ جو انڪشاف: ايف آءِ اي کان تفصيل طلب
ڪراچي: سنڌ جي تعليم کاتي جا گوسڙو استاد پرڏيهه هجڻ جو انڪشاف، تعليم کاتي پاران عادي گوسڙو استادن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو فيصلو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڊگھي عرصي کان غيرحاضر رهندڙ ڪيترن استاد جي پرڏيهه ۾ هجڻ جو معاملو سامهون اچي ويو آهي. ڄاڻ موجب ته شهيد بينظيرآباد ضلعي سان تعلق رکندڙ استادن جو پرڏيهه ۾ هجڻ سبب تعليم کاتي پاران سندن خلاف ڪارروايون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان فيصلو ڪيو ويو آهي ته هڪ سال کان وٺي غيرحاضر رهندڙ استادن کي نوڪرين تان ئي فارغ ڪيو ويندو. ان حوالي سان تعليم کاتي جي اختيارين پاران ايف آءِ اي کي خط لکي پرڏيهه ترسيل سرڪاري استادن جو سفري رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي. اختيارين موجب ايف آءِ اي جي رپورٽ اچڻ بعد اهڙن استادن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي