عمران خان احتساب عدالت آڏو پيش: نيب پاران 14 ڏينهن جسماني رمانڊ لاءِ درخواست: فيصلو محفوظ
مَي 10, 2023
اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)نيب اسلام آباد جي ٽيم پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان احتساب عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي وئي جڏهن ته عدالت دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. تفصيل موجب القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گرفتار پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي نيوگيسٽ هائوس پوليس لائن ۾ عمران خان جي خلاف القادر ٽرسٽ ڪيس جي ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور ٻڌڻي ڪئي، عمران خان جا وڪيل علي بخاري، خواجا حارث ۽ بئريسٽر گوهر عدالت ۾ پيش ٿيا، نيب پراسيڪيورٽر عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، عمران خان جو 14ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو وڃي، عدالت نيب پراسيڪيوٽر جي استدعا بعد ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي ذريعن موجب عمران خان ٻڌڻي جي وقفي دوران وڪيلن سان صلاح مشورا ڪيا ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿيڻ بعد وڪيلن پنهنجا دليل مڪمل ڪيا جنهن بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ٻئي طرف پوليس پاران پوليس لائينز اسلام آباد کي سب جيل جو درجو ڏيڻ بعد پوليس لائين گيسٽ هائوس ۾ عدالت لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، عمران خان تي توشه خانه ڪيس ۾ به فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، ٻنهي عدالتن کي پوليس لائينز منتقل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، ذريعن موجب عمران خان جي قانوني ٽيم مان رڳو ٽن وڪيلن کي ساڻس ملڻ جي اجازت ڏني وئي، ان کان اڳ عمران خان جي ليگل ٽيم کي نسٽس يونيورسٽي چوڪ تي روڪيو ويو هو، پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ، شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر کي به پوليس لائنز ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته خصوصي عدالت ۾ داخلا جي اجازت عدالتي لسٽ تحت ڏني ويندي ۽ عمران جي پيشي جي حوالي سان ڪوريج جي اجازت ججز جي مرضي سان هوندي. اڳوڻي وزيراعظم کي گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان نيب راولپندي جي ٽيم رينجرز جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو هو جنهن بعد کيس اسلام آباد پوليس لائينز منتقل ڪيو ويو، پوليس لائينز اسلام آباد کي سب جيل جو درجو ڏنو ويو، عمران خان جو طبي معائنو به ڪيو ويو، نيب عمران خان جي طبي معائني لاءِ 7 رڪني ميڊيڪل بورڊ جوڙيو هو، پمز جي ٽيم به عمران خان جو طبي معائنو ڪيو، نيب عملدارن جو چوڻ آهي ته اڄ عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي