هي ضياءَ جو دور ناهي، مارشل لاء ناهي، فوجي عدالتن جي فيصلي خلاف اپيل جو حق بنيادي حقن جي ضمانت آهي: چيف جسٽس
جُولاءِ 21, 2023
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هي ضياءَ جو دور ناهي مارشل لاء ناهي، جيڪڏهن مارشل لاء جهڙي ڪڏهن صورتحال ٿي ته سپريم ڪورٽ مداخلت ڪندي، هن ڪيس ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيندو اهو قانونسازي ذريعي ئي ممڪن آهي
سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي، سپريم ڪورٽ درخواستگذارن جي اسٽي آرڊر جي درخواست رد ڪري ڇڏي، اٽارني جنرل اپيل جو حق ڏيڻ جي معاملي تي عدالت کان مهلت گهري ورتي، اٽارني جنرل چيو ته هڪ مهيني جو وقت ڏنو وڃي، هن معاملي تي تمام محتاط رهي غور جي ضرورت آهي، ائين هلڻو پوندو جيئن عالمي سطح تي ملڪي پوزيشن متاثر نه ٿئي، ڪجهه شين جو آئون ذڪر نه ڪري رهيو آهيان، گهڻو ڪجهه ذهن ۾ رکڻو پوندو
جسٽس مظاهر نقوي پڇاڻو ڪيو ته ڇا جوابدارن کي سيل ۾ر کيو ويو آهي يا ڪمرن ۾، اٽارني جنرل ٻڌايو ته جوابدارن کي جيل ۾ ئي رکيو ويو آهي پر دهشتگردن وانگر نه، سمورن گرفتار ٿيل ماڻهن کي سموريون سهولتون ڏنيون ويون آهن
چيف جسٽس چيو ته گرفتار ماڻهن کي دماغي يا جسماني مشڪلاتن جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي، فوجي عدالت جي فيصلي خلاف ڪنهن آزاداڻي فورم تي اپيل جو حق بنيادي حقن جي ضمانت آهي 2015ع ۾ آئين کي پوئتي ڌڪيو ويو هو پر هاڻ ائين نه ٿي رهيو آهي ملٽري ايڪٽ تحت پراسڪيوشن ڪيس جو فيصلو ڪندي، اپيل به ٻڌنداسين
اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته آرمي ايڪٽ تي بنيادي انساني حق لاڳو نٿا ٿين، ڪوئي سويلين دفاعي ڪم ۾ رنڊڪ وجهي يا يا فوج جو ڊسپلين خراب ڪري ته به آرمي ايڪٽ جي دائري ۾ اچي ٿو
جسٽس منيب چيو ته هڪ پاسي لکيل آهي ته رياست انساني حقن کان مٿانهون ڪوئي قانون نٿي ٺاهي سگهي ٻئي طرف اوهان چئي رهيا آهيو ته هن مخصوص قانون ۾ انساني حق لاڳو ئي نٿا ٿين
اٽارني جنرل ٻڌايو ته جوابدارن کي وڪيل ڪرڻ جو حق ڏنو ويندو آهي سمورن جوابدارن ۽ شاهدن تي جرح ڪرڻ، ڏوهه جو اعتراف يا انڪار ڪرڻ جو آپشن ڏنو ويندو آهي، هڪ آفيسر کي عدالتي صدر مقرر ڪيو ويندو آهي جنهن جي ذميواري هوندي آهي ته آزداڻو ۽ شفاف ٽرائل جو جائزو وٺي، ٽرائل ڪندڙ ٽن آفيسرن جو فيصلو حتمي تصور ٿيندو آهي، ڪنهن جوابدار کي موت جي سزا يا 14 سال سزا نه ڏني ويندي
چيف جسٽس عمر عطاءَ بنديال جا فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان ٽرائل ڪورٽ تي سڀ ڪجهه نه ٿا ڇڏي سگهون، 2015ع ۾ 21 هين ترميم ذريعي پاڪستان جي آئين کي هڪ طرف ڪيو ويو هو پر هاڻي ائين ناهي، عدليا جي آزادي انصاف جو بنياد آهي، ملٽري ايڪٽ تحت پراسيڪيوشن ئي ڪيس جو فيصلو ڪندي ۽ اپيل به اتي ئي ٻڌي ويندي، فوجي عدالت جي فيصلي خلاف ڪنهن آزاداڻي فورم تي اپيل جو حق بنيادي حقن جي ضمانت آهي
اٽارني جنرل چيو ته ٻيهر چوڻ چاهيان ٿو ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ٿيو هو، جيڪو 9مئي تي ٿيو ان جي اجازت مستقبل ۾ ٻيهر نه ٿي ڏئي سگهجي، واقعي بعد صرف 102 ماڻهن کي تمام محتاط انداز طريقي سان گرفتار ڪيو ويو
جسٽس مظاهر نقوي چيو ته آرمي ايڪٽ 2015 ۾ گهڻو زور دهشتگرد گروپس تي ڏنو ويو آهي، ڪهڙي طريقيڪار تحت ماڻهن کي فوجي تحويل ۾ ورتو ويو جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته آرمي ايڪٽ جي سيڪشن ۾ سول ڏوهه جي ڳالهه واضح آهي جيڪڏهن ڪو سول جرم ڪري ته ٽرائل آرمي ايڪٽ تحت نٿو ٿي سگهي، ڪوئي سويلين دفاعي ڪم ۾ رخنو وجهي ته اهو قانون جي پڪڙ ۾ ايندو آهي آرمي ايڪٽ موجب جيڪڏهن ڪوئي سويلين فوج جي ڊسپلين خراب ڪري ته به قانون جي دائري ۾ اچي ٿو
جسٽس يحيٰ آفريدي سوال ڪيو ته فوجي هجي يا سويلين ڇا آرمي ايڪٽ تحت ٽرائل ۾ ايندڙ بنيادي انساني حقن مان خارج ٿيندا؟ جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته 21 هين آئيني ترميم جي تحت قائم ڪيل فوجي عدالتون مخصوص وقت لاءِ هيون، جسٽس عائشه ملڪ چيو ته 21 هين آئيني ترميم انتظاميا ۽ عدليا جي اختيارن ۾ فرق ڪري سڀ کان وڏو تحفظ ڏنو هو
فوجي عدالتن ۾ سويلنز جي ٽرائل خلاف درخواستن تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس عائشه ملڪ تي ٻڌل 6 رڪني لارجر بينچ ٻڌڻي ڪئي