35هين نيشنل گيمز: واپڊا جي نورين فاطمه عورتن جي هاءِ جمپ ۾ سون جو تمغو کٽي ورتو

35هين نيشنل گيمز: واپڊا جي نورين فاطمه عورتن جي هاءِ جمپ ۾ سون جو تمغو کٽي ورتو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) 35 هين نيشنل گيمز ۾ پاڪستان واپڊا جي نورين فاطمه 1.53 ميٽر جي جمپ سان سون جو تمغو کٽيو ۽ عورتن جي هاءِ جمپ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.عورتن جي هاءِ جمپ ۾ ايڇ اي سي جي امتل چاندي جو تمغو کٽيو ۽ پاڪستان آرمي جي عروج برونز جو تمغو کٽيو.500 ميٽر جي ڊوڙ ۾ آرمي جي محمد اختر سونو تمغو کٽيو. محمد اختر 14 منٽ 36.41 سيڪنڊن جي وقت سان پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.پاڪستان واپڊا جو عامر سهيل ٻئي نمبر تي آيو ۽ چاندي جو تمغو کٽيو ۽ پي اي ايف جو محمد زوهيب ٽئين نمبر تي آيو ۽ برونز جو تمغو کٽيو.مردن جي شاٽ پٽ ايونٽ ۾ آرمي جي جمشيد علي سونو تمغو کٽيو، پاڪستان آرمي جي نوشيروان چاندي جو تمغو کٽيو ۽ ايڇ اي سي جي صاحبزاده ڪاشف برونز جو تمغو کٽيو.پاڪستان واپڊا جي سميع الله 100 ميٽر جي ڊوڙ 10.30 سيڪنڊن ۾ مڪمل ڪري سونو تمغو کٽيو، پاڪستان آرمي جي عثمان علي ٻئي نمبر تي چاندي جو تمغو کٽيو، هن مقرر ڪيل فاصلو 10.40 سيڪنڊن ۾ پورو ڪيو، پاڪستان آرمي جو راشد رياض ٽئين نمبر تي رهيو ۽ برونز جو تمغو کٽيو، هن فاصلو 10.45 سيڪنڊن ۾ پورو ڪيو.عورتن جي ڪيٽيگري ۾ واپڊا جي فائقا رياض راندين جي تيز ترين عورت ايٿليٽ بڻجي وئي، هن عورتن جي 100 ميٽر جي ڊوڙ کٽي ۽ پهرين نمبر تي آئي، فائقا 11.70 سيڪنڊن ۾ فاصلو پورو ڪيو.ايڇ اي سي جي خولا ٻئي نمبر تي چاندي جو تمغو کٽيو، سندس وقت 12.00 سيڪنڊ هو، پاڪستان آرمي جي تحيم خان 12.10 سيڪنڊن سان ٽئين نمبر تي رهي