وڏو وزير آمر ۽ ڪرپشن جو ساٿاري آهي، آئون نه مقبول باقر استعيفا ڏئي: ڊاڪٽر سعد

نومبر 10, 2023

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم۽ شاهد ميراڻي) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو آهي ته پنهنجي ڪم ۾ بناجواز مداخلت ۽ ڪرپشن جو ساٿ ڏيندڙن کي برداشت نه ڪندس، مهانگا ترين روبوٽس خريد ڪري سنڌ ۾ ڪرپشن ڪئي پئي وڃي ، گمبٽ انسٽيٽيوٽ ( گمس )ته ڪرپشن جو ڳڙهه آهي، جنهن کي ڊائريڪٽر فنانس بدران هڪ منشي پيو هلائي، وزيراعليٰ هائوس ۾ صحت کاتي بابت اجلاس ۽ کاتي ۾ سيڪريٽري جي مقرري کان مون کي اڻڄاڻ رکيو ويو، مون کان اڳ يونس ڍاگا جو به قلمدان ڪابينا سان مشاورت بنا تبديل ڪيو ويو، کوڙ وزيرن يونس ڍاگا جي قلمدان جي تبديلي تي خدشن جو اظهار ڪيو هو، نگران وڏو وزير آمراڻي رويي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، وڏي وزير پاران عوامي سطح تي معافي وٺڻ تائين ڳالهه نه ٺهندي، مون کي وڏي وزير سان ڪوبه مسئلو ناهي، خبر ناهي کيس الائي ڪهڙو مسئلو آهي؟ هن چيو ته  مون وٽ 4 جسٽس علاج لاءِ ايندا رهيا، اُنهن سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو، وڏي وزير جهڙو رٽائرڊ جسٽس مون پهريون دفعو ڏٺو آهي آئون استعيفا نه ڏيندس، وڏو وزير استعيفا ڏيڻ گهري ٿو ته ڀلي ڏئي، ٻئي طرف ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ھن چيو ته وڏو وزير جن روبوٽن جي خريداري جي ڳالهه ڪري ٿو اھي مھانگا آھن، اسان عوام کي بنيادي سھولتون فراھم ڪرڻ چاھيون ٿا ، هن چيو ته  مون 18 آگسٽ تي چارج ورتي آھي انھي کانپوء 15-20 ڏينهن سيڪريٽرين ۽ ٻين آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين ۾ لڳا، وڏي وزير صحت کاتي ۾ پنهنجي پسند جو سيڪريٽري رکيو،   ھاڻي به کيس ڪهڙو مسئلو آھي؟

 وزير صحت ڪوڙو، بيهوده ٻولي پيو ڳالهائي، من پسند سيڪريٽري چاهي ٿو: مقبول باقر

ڪراچي: نگران وڏي وزير جسٽس (رٽائرڊ) مقبول باقر چيو آهي ته منهنجي سنڌ صوبي جي مختلف اسپتالن جي اوچتن دورن دوران ظاهر ٿيو ته وزير صحت ڊاڪٽر سعد نياز اسپتالن کي سڌارڻ ۾ ناڪام ويوآهي، هن اسپتالن جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ بدران ايس آءِ يو ٽي جهڙي عظيم اداري تي تنقيد ڪئي،  وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر سعد نياز صحت کاتي بابت  جائزا اجلاس 3 ڀيرا رڳو بدنيتي ڪارڻ ملتوي ڪرايا ته جيئن سندس خراب ڪارڪردگي جو پول پڌرو نه ٿئي، وزير پنهنجن بيانن ۾ جيڪا بيهوده (ڪريل ) ٻولي استعمال ڪئي، اها ڪنهن پروفيشنل ڊاڪٽر يا  وزير جي سوچ  ٿي نٿي سگهي. ڊاڪٽر سعد نياز پنهنجن بيانن ۾ جنهن قسم جي غلط بياني ۽ بيوقوفي ڏيکاري، انهي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪوڙ جو ڪو بنياد ناهي، جڏهن سندس جواب ڏيڻ جو وارو آيو ته هو بي بنياد ۽ ڪوڙن بيانن تي لهي آيو.  ترجمان موجب ڊاڪٽر سعد  آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي تي بضد آهي ۽ پنهنجي نااهلي تي بيزار آهي. آئين ۽ قانون موجب نگران وڏي وزير جو اختيار آهي ته هو سمورن صوبائي کاتن کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ هدايتون ڏيندو رهي. ترجمان چيو ته ڊاڪٽر سعد نياز صحت کاتي ۾ پنهنجي پسند جو سيڪريٽري مقرر ڪري پنهنجو ذاتي ايجنڊا هلائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته سنڌ جو نگران وڏو وزير عوام کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ آئين، قانون ۽ قاعدن کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.

فاطمه ڦرڙو سان زيادتي جي پنجاب نه پر لمس تصديق ڪئي: وزير قانون غلط بياني ڪئي: وزير صحت

ڪراچي:  راڻيپور جي پير اسد شاهه جا ڊي اين اي جزا بيدري سان قتل ٿيل معصوم فاطمه ڦرڙو سان ميچ ٿيا يا نه؟  ڊي اين اي جُزا سنڌ جي ليبارٽري ۾ خراب ٿيا يا پنجاب جي ليبارٽري ۾؟ قانون ۽ صحت جي نگران وزيرن جي بيانن ۾ تضاد سامهون اچي ويو ،ان ڏس ۾  قانون جي وزير عمر سومرو گذريل ڏينهن جوڊيشل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو هو ته فاطمه ۽ گرفتار ڪيل پير جا جزا ميچ ٿي ويا آهن ، صحت کاتي سنڌ جي عملدارن پيرن سان ياري ملهائيندي فاطمه جا ڊي اين اي تباهه ڪري ڇڏيا، پنجاب جي ليبارٽري مان آيل رپورٽ ۾ فاطمه ۽ جوابدار پير جا جزا ميچ ٿي ويا، ٻئي طرف صحت جي وزير  ڊاڪٽر سعد خالد وضاحتي بيان جاري ڪندي چيو ته پنجاب جي ليبارٽري مان ڊي اين اي رپورٽ نيگيٽو آئي هئي، جڏهن ته لمس ڄامشوري جي اڻٿڪ محنت سان رپورٽ مثبت آئي، اُنهي رپورٽ موجب فاطمه ڦرڙو سان هڪ کان وڌيڪ ماڻهن  زيادتي ڪئي هئي، آئون، قانون ۽ گهرو وزير گڏجي ڪيس کي ڏسي رهيا آهيون، فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ ڪابه غفلت برداشت نٿي ڪري سگهجي،  انهي کان اڳ غفلت جي الزام هيٺ ايم ايس خيرپور سميت 2 ملازمن  خلاف ڪاروائي ڪئي وئي آهي ،  صحت واري نگران وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته فاطمه ڦرڙو قوم جي ڌي آهي، جوابدارن سميت ڪيس ۾ غفلت ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو،  هن چيو ته ميڊيا ۾ تضاد واريون خبرون هلڻ سان حقيقي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ ۾ به تضاد پيدا ٿي سگھي ٿو، هن چيو ته  هي ٽيڪنيڪل مامرو آهي، ان ڪري شايد قانون واري وزير غلطي ۾ بيان ڏنو، جنهن ۾ ڪا صداقت ناهي، فاطمه ڦرڙو منهنجي ٻچڙن وانگر آهي، ناانصافي نه ٿيندي

ساڍا 5 ارب جي 6 روبوٽن جي خريداري تان وڏو وزير ۽ وزير صحت اٽڪيا

ڪراچي: سنڌ ۾ روبوٽڪ سرجري لاءِ ساڍا 5 ارب جا  6 روبوٽ خريداري وارو معاملو نگران وڏي وزير ۽ صحت جي نگران وزير ۾ اختلافن جو مُک سبب بڻيل، 6 روبوٽن جي خريداري واري ميگا منصوبي ۾ رڳو ايس آءِ يو ٽي لاءِ 2 ۽ جناح اسپتال لاءِ هڪ روبوٽ خريد ٿي سگھيو، روبوٽن جي خريداري واري معاملي ۾ مبينا طور 50 سيڪڙو ڪميشن هجڻ تي نگران صوبائي وزير صحت پاران لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد ۽ گمس لاءِ 3 روبوٽن جي خريداري روڪرائي ڇڏي! ان حوالي سان مليل ڄاڻ وجب  پيپلز پارٽي جي سرڪار پاران مالي سال 2023_24 ۾ سنڌ جي 4 وڏين اسپتالن لاءِ 6 روبوٽ خريد ڪرڻ  لاءِ 5 ارب 49 ڪروڙ 70 لک روپيا مختص ڪيا ويا هئا، پهرين مرحلي ۾ ايس آءِ يو ٽي لاءِ هڪ ارب 25 ڪروڙ جي لاڳت سان 2 روبوٽ خريد ڪيا ويا، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ جناح اسپتال لاءِ وري هڪ ارب 9 ڪروڙ 10 لک رپين جي ٻيڻي لاڳت سان هڪ روبوٽ خريد ڪيو ويو، بجيٽ ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد لاءِ ٻن روبوٽن جي خريداري لاءِ 2 ارب 13 ڪروڙ 30 لک روپيا ۽ پير عبدالقادر شاھ جيلاني انسٽيٽيوٽ گمبٽ (گمس) لاءِ هڪ روبوٽ خريد ڪرڻ جي مد ۾ هڪ ارب 2 ڪروڙ 30 لک روپيا رکيا ويا هئا. ذريعن موجب روبوٽن جي خريداري ۾ 50 سيڪڙو ڪميشن هجڻ ۽ روبوٽڪ سرجري عام آپريشن کان ٻيڻي لاڳت واري هجڻ ڪري موجوده نگران وزير وڌيڪ روبوٽن جي خريداري روڪي ڇڏي هئي. ان حوالي سان وزير صحت جو چوڻ هو ته مالي سال 2013_14 ۾ سول اسپتال ڪراچي لاءِ 37 ڪروڙن  ۽ سال 2011_12 ۾ قطر اسپتال ڪراچي لاءِ رڳو 30 ڪروڙ روپين ۾ هڪ هڪ روبوٽ خريد ڪيا ويا هئا. جن جو اڄ ڏينهن تائين استعمال نه ٿي سگھيو آهي. اسان وٽ اسپتالن ۾ مريضن کي فائدو ڏيڻ لاءِ دوائون توڙي ٻيون سهوليتون ناهن اهڙي صورت ۾ روبوٽ خريد ڪرڻ مريضن سان زيادتي ٿيندي.

ڊاڪٽرن جون 4 تنظيمون اڄ وزيرصحت جي حمايت ۾ پريس ڪانفرنس ڪنديون

ڪراچي: سنڌ جي صحت واري نگران وزير جي حمايت ۾ ڊاڪٽرن جون تنظيمون پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئشن، پي ايم اي اسلامڪ، ينگ ڊاڪٽرز ايسوسئشن ۽ سينيئر ھيلٿ پروفيشنلز اڄ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪنديون ـ ذريعن موجب پريس ڪانفرنس ۾ وڏي وزير ۽ وزير جي وچ ۾  ھلندڙ تڪرار  روبوٽڪ سرجري لاء ساڍا پنج ارب رپين جي لاڳت سان 6 روبوٽن جي خريداري، خانگي استالن ۽ ادارن کي 89 اربن جي گرانٽ سميت ٻين معاملن تي ميڊيا کي آگاهي  ڏني ويندي

صحت وارو وزير اسلام آباد پهتو: اڄ اختيارين کي وزيراعليٰ بابت دانهن ڏيندو: ذريعا

ڪراچي: سنڌ جي وزيراعليٰ سان تڪرار ۾ ايندڙ صحت وارو وزير اسلام آباد  پهچي ويو، جتي هو اڄ مختلف اختيارين سان ملاقاتون ڪري وزيراعليٰ بابت شڪايتون ڪندو، هوڏانهن وزير صحت      اسلام آباد پهچڻ جي تصديق ڪندي چيو ته هتي ڪم سانگي آيو آهيان، آچر تي واپس اچي پنهنجو ڪم جاري رکندس

بدلين تان جنگ: مڪاني وزير سان اختلاف ڄاڻائي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري موڪل تي روانو

ڪراچي: مڪاني کاتي  جي ڪامورن جي بدلين ۽ مقررين جي آرڊرن تان نگران وزير ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري وچ ۾ هلندڙ اختلاف نبرجي نه سگھيا، مڪاني کاتي جو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري منظور شيخ موڪل تي روانو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته مڪاني ادارن واري وزير ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري منظور شيخ وچ ۾ مرضي جي آفيسرن جي  بدلين ۽ مقررين توڙي اختيارن تان شروع ٿيل اختلافن سبب کاتي جو سمورو وهنوار متاثر ٿي رهيو آهي. اهڙي صورتحال بعد ايڊيشنل چيف سيڪريٽري منظور شيخ موڪل تي روانو ٿي ويو آهي، جنهن بعد يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري نور احمد سمون کي مڪاني ادارن واري کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جي اضافي چارج سونپي وئي آهي. ان حوالي سان ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته مڪاني ادارن جي نگران صوبائي وزير مبين جماڻي پاران مڪاني کاتي جي 21هين گريڊ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري منظور شيخ بجاءِ پنهنجي پرائيوٽ سيڪريٽري (پي ايس) رياض مڱريو معرفت سِڌي ريت لاڳاپيل سيڪشنز مان ڪامورن ۽ عملدارن جي بدلين ۽ مقررين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪرائڻ تان سيڪريٽري ۽ وزير وچ ۾ اختلاف شروع ٿيا هئا، جيڪي هن وقت تائين ختم نه سگھيا آهن.

89 ارب گرانٽ وٺندڙ انڊس ۽ ايس آءِ يو ٽي جي آڊٽ لٽڪيل

ڪراچي: نگران وڏي وزير پاران عهدو سنڀالڻ شرط انڊس اسپتال، ايس آءِ يو ٽي، هينڊز، پينشنٽ ويلفيئر، فاطميد سميت 80 جي لڳ ڀڳ خانگي طبي ادارن کي سالياني ملندڙ 89 ارب روپين جي سالياني گرانٽ جي 5 سالن جي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، جنهن تي هن وقت تائين عمل نه ٿي سگھيو آهي. ان حوالي سان صحت واري نگران وزير سعد خالد نياز جو چوڻ هو ته خانگي ادارن کي 89 ارب روپين جي سالياني گرانٽ ڏيڻ عوام جي ٽيڪس واري پئسي جو زيان آهي، ڪراچي جي سول اسپتال ۽ جناح اسپتال جي روزانو واري او پي ڊي 8 هزار جي لڳ ڀڳ آهي، جڏهن ته ان ٻنهي وڏين اسپتالن جي پگھارن سميت جملي بجيٽ رڳو 15 ارب رپيا آهي، اهي 89 ارب رپيا سنڌ جي وڏين سرڪاري اسپتالن جي واڌ ويجهه تي خرچ ڪيا وڃن.

وزيرصحت ڪرپٽ آهي: جناح اسپتال جي چيف پاران عدالت وڃڻ جو اعلان

ڪراچي: نگران وڏي وزير ۽ صحت جي وزير ۾ اختلافن دوران  جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر وڏي وزير جو پاسو ورتو، ڊاڪٽر شاهد رسول پاران صحت  واري وزير تي ڪرپشن جا الزام لڳائي سندس خلاف عدالت وڃڻ جو چتاءُ ڏنو  آهي. ان حوالي سان جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهد رسول ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نگران وزير صحت سعد خالد نياز جي وزارت دوران بدلين ۽ مقررين جا اگھه مقرر ٿيل آهي، سندس دور ۾ صحت کاتي ۾ ڪرپشن وڌي وئي آهي،  سندس خلاف عدالت به ويندس.

ڪنهن جو حڪم مڃان ؟ وزيراعليٰ پاران مقرر ڪرايل سيڪريٽري صحت جي ڪُرسي لوڏن هيٺ

ڪراچي: نگران وڏي وزير ۽ صحت واري نگران وزير ۾ اختلافن سبب سيڪريٽري صحت جي ڪُرسي غيرمحفوظ بڻجي وئي، صحت وارو سيڪريٽري “ٻن وڏن” وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ سبب ٻڏتر جو شڪار بڻجي ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  صحت کاتي جي نگران وزير ڊاڪٽر خالد سعد نياز ۽ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر وچ ۾ اختلافن سبب صحت کاتي جو سيڪريٽري منصور عباس رضوي ٻڏتر جو شڪار بڻجي ويو آهي. ان حوالي سان ذريعن وٽان مليل ڄاڻ نگران وڏي وزير ۽ صوبائي وزير پاران ايندڙ ڌار ڌار حڪمنامن سبب سيڪريٽري سخت پريشان ٿي ويو آهي. واضح رهي ته سيڪريٽري صحت وزيراعليٰ جي خواهش تي مقرر ٿيو

نگران وزير روبوٽن وارا فنڊ من پسند منصوبن تي لڳائڻ پي چاھيا،روڪڻ تي گوڙ پيو ڪري: ترجمان

ڪراچي: وڏي وزير جي ترجمان صحت واري وزير تي فنڊز ۾ ھيرا ڦيري جو الزام ھڻي ڇڏيو، جاري ڪيل بيان ۾ ھن چيو آهي ته گذريل پ پ حڪومت ۽ سنڌ اسيمبلي روبوٽن جي خريداري لاءِ بجيٽ منظور ڪئي، اسين انھي  بجيٽ وارا  منصوبا ختم نٿا ڪري سگهون ، نگران وزير روبوٽن وارا فنڊ من پسند منصوبن تي لڳائڻ پي چاھيا، ترجمان موجب  صوبائي وزير فنڊز جي ھيرا ڦيري کان روڪڻ  تي ڀڙڪجي بي بنياد الزام پيو ھڻي

Leave A Comment