شهيد ارشاد رانجهاڻي ڪيس جو فيصلو چيلنج : رحيم شاهه جي گهٽ سزا خلاف اپيل داخل

نومبر 22, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  ملير ۾ بيدري سان شهيد ٿيل ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي فيصلي ۽ مک جوابدار رحيم شاهه جي گهٽ سزا  خلاف 2 اپيلون داخل، ڪالهه سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ارشاد رانجھاڻي جي وارثن وڪيل محمد خان شيخ ذريعي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻه اپيلون داخل ڪرايون آهن، جن ۾ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي عدالتي فيصلي ۽ جوبدار رحيم شاھ جي آزادي کي چيلنج ڪيو ويو آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جو فيصلو قانون موجب غلط آھي، جڏهن ته قتل ڪيس جي جوابدار رحيم شاھ،  ڊي ايس پي شوڪت شاھاڻي ۽ انسپيڪٽر رياض عامر کي آيل  گهٽ سزا کي غلط سمجھون ٿا، وڪيل محمد خان شيخ جو چوڻ هو ته انھانسمينٽ آف پنشمينٽ واري قلم  324  تحت گھٽ ۾ گھٽ 10 سال سزا ھوندي آھي.  عدالت رحيم شاهه کي  6 سال سزا ڏئي رليف ڏئي ڇڏيو آهي، ڪيس  مان دهشتگردي وارا قلم ( اي ٽي اي) پڻ خارج ڪيا ويا آهن،  رحيم شاهه کي دهشتگردي جي ارادي ۽ هٿيار تاڻڻ وارن قلمن هيٺ وڏو رليف ڏنو ويو آهي، وڪيل موجب   فيصلي مان لڳي رھيو آھي ته اهو پري پلان فيصلو آھي، ارشاد رانجھاڻي جي وارثن سان انصاف ناھي ڪيو ويو، عدالت کي استدعا آھي ته ارشاد رانجھاڻي جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن، واضح رهي ته مقتول جي وارثن جي درخواست جي ٻڌڻي 28 نومبر تي مقرر ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي

  • حيدرآباد: ٻڏي ويل جو 30ڪلاڪن بعد لاش هٿ

  • سنڌ حڪومت طرفان باڪسر عاليه سومرو کي 4.65 لکن جو چيڪ ڏنو ويو