آئين ۽ اليڪشن ايڪٽ انٽراپارٽي چونڊن جو جائزو وٺڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي: پي ٽي آءِ وڪيل

جنوري 13, 2024

پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر  سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي دوران دليل ڏنا آهن ته آئين ۽ اليڪشن ايڪٽ اليڪشن ڪميشن کي انٽراپارٽي چونڊن جو جائزو وٺڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي، انٽرا پارٽي چونڊن جي ڪري چونڊ نشان نه ٿو روڪي سگهجي

علي ظفر چيو ته چونڊون هڪ چونڊ نشان سان وڙهڻ سياسي جماعت جي حقن ۾ شامل آهي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ سان متڀيدي سلوڪ اختيار ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن بيٽ جو نشان کسي ظاهري طور بدنيتي ڪئي آهي

هن دليل ڏنا ته  پي ٽي آءِ جي ڪنهن به ميمبر انٽرا پارٽي اليڪشن کي چئلينج نه ڪيو آهي، اليڪشن چئلينج به ٿئي ها ته اهو سول ڪورٽ جو معاملو ٺهي ٿو، اليڪشن ڪميشن وٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جا اختيار نه آهن

پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل دليل ڏنا هت اِي سِي پِي فيصلي ۾ مڃيو آهي ته انٽرا پارٽي چونڊون ٿيون آهن

Leave A Comment