سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن جا 13 ميمبر ۽ پيپلزپارٽي جا ڪجهه ميمبر به حلف کڻڻ نه آيا
فيبروري 24, 2024
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن جا 13 ميمبر ۽ پيپلزپارٽي جا ڪجهه ميمبر به حلف کڻڻ نه آيا، جي ڊي اي جا 3، جماعت اسلامي جو هڪ ۽ پي ٽي آءِ جا حمايت يافته 9 آزاد اميدوار حلف کڻڻ نه پهتا، پيپلزپارٽي جو نادر مگسي جيپ ريلي ۾ شرڪت سبب حلف کڻڻ لاءِ نه آيو، نثار کهڙو ۽ ڄام مهتاب ڏهر پارٽي قيادت پاران سينيٽ ۾ رهڻ جي هدايتن سبب حلف کڻڻ نه آيا، دادو مان پيپلزپارٽي جي چونڊيل اميدوار عزيز جوڻيجو جي لاڏاڻي سبب سندس نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو، پي ٽي آءِ جي حمايت يافته 9 آزاد اميدوارن جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو، پي ايس 31 تان ڪامياب ٿيل جماعت اسلامي جي حافظ نعيم جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن به اڃا جاري نه ٿيو