حيدرآباد جي سائيٽ واري علائقي ذيل پاڪ ڪالوني ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب 10 ٻارن سميت 13 ڄڻن جي حالت خراب

مَي 15, 2024

حيدرآباد جي سائيٽ واري علائقي ذيل پاڪ ڪالوني ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب 10 ٻارن سميت 13 ڄڻن جي حالت خراب، ٻارن ۽ ٻين کي بيهوشي جي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، بيهوش ٿيل ٻارن ۾ رحمت علي، زينب، بختاور، علينه، ملائڪه، شگفته، تاج اسلام، شهريار، امبرين، شوڪت علي ۽ جهانزيب شامل، اسپتال جي اي ايم ايس ڊاڪٽر محمد علي جو چوڻ آهي ته بيهوشي جي حالت ۾ پهچايل سمورن ٻارن کي طبي امداد ڏني وئي آهي، ٻارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، علائقي واسين موجب ڪٻاڙڪي دوڪان تي رکيل گئس سلنڊر جو دوڪاندار وال کولي ڇڏيو هو، وڏي مقدار ۾ گئس خارج ٿيڻ سبب ٻارن سميت 13 ڄڻن جي حالت خراب ٿي وئي

Leave A Comment