36 پائونڊ ڪيڪ، 36 ٻار، 36 سيڪنڊن ۾ ٿي ويو چٽ!!

36 پائونڊ ڪيڪ، 36 ٻار، 36 سيڪنڊن ۾ ٿي ويو چٽ!!

نئين دهلي(انٽريسٽنگ نيوز)  ڀارت ۾ راشٽريا جنتا دل (آر جي ڊي) جي آفيس ۾ پارٽي اڳواڻ تيجسوي يادو جي سالگرهه جي موقعي تي هڪ منفرد ۽ دلچسپ منظر ڏسڻ ۾ آيو. جيئن ئي 36 پائونڊ وزني وڏو ڪيڪ ڪٽيو ويو، موجود ٻارن 36 سيڪنڊن ۾ پورو ڪيڪ ختم ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، تقريب دوران جڏهن ٻارن ڪيڪ کي  ڏٺو، ته انهن خوشيءَ مان ميز طرف ڊوڙندي ڪيڪ مٿان ٽٽي پيا، . وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻار هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيندي، کلندي  ۽ مزي سان  ڪيڪ کائيندا نظر اچي رهيا آهن، موجود ماڻهن جو موقف ان منظر تي ٽهڪ ڏيندا رهيا.  اهو منظر  ايترو ته دلچسپ هو جو ان جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن کي ڏسي صارفين مزاحيه تبصرا ڪيا. هڪ صارف لکيو ته “هي واقعي 36هين سالگرهه جو شاندار جشن هو، جتي 36 پائونڊ جو ڪيڪ، 36 ٻار ۽ 36 سيڪنڊن جي مختصر وقت ۾ کاڌو ويو.