سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پوليس تي بي اعتمادي جو اظهار، سخت رمارڪس
جُولاءِ 23, 2024
جنهن به شيءِ تي پابنديءَ جو حڪم ڏيون ٿا ان جا ريٽ وڌي وڃن ٿا، گٽڪي تي پابندي هنئي ته پوليس منٿلي وڌائي ڇڏي، ايل پي جي ۽ ناقص سلنڊرز تي پابندي جو حڪم ڏنو ته پوليس جو ماهوار اگهه وڌي ويو، پوليس غيرقانوني ڪمن ۾ ملوث ماڻهن کان رڳو اوڳاڙيءَ ۾ مصروف آهي: جسٽس امجد علي سهتو جا سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران سخت رمارڪس، جوابدارن جي عدم گرفتاري بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس امجد علي سهتو چيو ته ڪيس درج ٿيڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران مفرور قرار ڏئي چالان جمع ڪرايو وڃي ٿو، 10 ڪيس سامهون پيل آهن، هاڻي انهن ڪيسن ۾ ملوث ماڻهن کي ڇڏي ڏيو يا بي گناهه ماڻهن کي جيل ۾ رکو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو عدالت آڏو پيش ٿيو، عدالت پاران اي آءِ جي کي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جو حڪم، اي آءِ جي جاويد عالم اوڍو پوليس جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي خاطري ڪرائي