اي آءِ هاڻ شاگردن ڪاپي ڪرڻ نه ڏيندي، ڊوائس تيار
مَي 29, 2025
ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي زيبسٽ يونيورسٽي جي آرٽيفيشل اينٽيليجنس جي شاگردن پاران مختلف امتحانن دوران ٿيندڙ ڪاپي کي روڪڻ لاءِ ھڪ ڊوائيس تيار ڪئي وئي آھي، جنهن جي ذريعي ڪاپي کي روڪي سگهجي ٿو، ڪاپي روڪڻ لاءِ پروڪٽر سينس” proctor sense جي نالي سان تيار ڪيل انھي ڊوائس کي ڪيميرائن ذريعي انسٽال ڪري امتحان ڏيندڙن جي مانيٽرنگ ڪري سگهجي ٿي.
لاڙڪاڻي واسي شاگرد حسين منصور ڀٽو جي نگراني ۾ پنجن شاگردن جي ٽيم ڪاپي روڪڻ لاءِ تيار ڪيل ڊوائيس بابت ٻڌايو آھي ته ھي ڊوائيس امتحان ڏيندڙ کي فوڪس ڪندي ۽ ھن جي جسماني چرپر کان وٺي اکين جي چرپر تائين ھر سرگرمي کي رڪارڊ ڪندي ۽ انھي رڪارڊنگ کي ڏسي ڪري ڪاپي چيڪ ڪندڙ يا امتحانن جي نگراني ڪندڙ شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهندا،.
ھنن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ھي پھريون ڀيرو ڊوائيس تيار ٿي آھي جڏهن ته ايندڙ پنجن مھينن کانپوءِ اھا ڊوائيس مارڪيٽ ۾ موجود ھوندي، شاگردن کي ڊوائيس متعلق پروجيڪٽ اسائن ڪندڙ اي آئي شعبي جي استاد حسن علي ٻڌايو ته آرٽيفيشل اينٽيلنجيس ذريعي تيار ڪيل ھي ڊوائيس ڪنهن به بيروزگار نه ڪندي پر انسانن جي مددگار ثابت ٿيندي.