اسرائيل جو ايران جي ايٽمي ٺڪاڻي تي هڪ ٻيو وڏو حملو

جُون 23, 2025

تهران (پنهنجي ڊيسڪ) تهران ۽ آس پاس جي علائقن ۾ ڪيترائي ڌماڪا ٻڌا ويا آهن، رپورٽن موجب

اسرائيل ٻيهر ايران جي فردو ايٽمي سهولتن تي حملو ڪيو  ويو آهي، جنهن جي ايراني عملدارن پڻ تصديق ڪئي آهي.

رپورٽ موجب اسرائيلي جنگي جهازن تهران تي سخت حملو ڪيو ۽ تهران ۽ ان جي آس پاس ۾ ڪيترائي ڌماڪا ٻڌا ويا.

ان کان علاوه، تهران جي اتر اولهه ۾ هڪ اسپتال جي ويجهو ڌماڪن جا آواز پڻ ٻڌا ويا.

اهي تازا حملا آمريڪا پاران گذريل ڏينهن ايران جي ايٽمي سهولتن تي حملن کانپوءِ ٿيا آهن، جن ۾ فردو ۽ اصفهان ۽ نطنز ۾ ايٽمي سهولتون شامل آهن.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته حملن ايران جي ايٽمي صلاحيتن کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پر ٻين عملدارن چيو ته ايران جي ايٽمي پروگرام تي حملن جي اثر جو صحيح اندازو لڳائڻ وقت کان اڳ هوندو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ

  • چمبڙ ويجهو ٻارڙو پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت