| 4 لک ايڪڙ تمر ٻيلن کي ڏيڻ سان سامونڊي طوفان رڪبا: شرجيل |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ڊجيٽل پراپرٽي رجسٽريشن جو فيصلو سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ انقلابي ۽ تاريخي قدم آھي، نئين نظام سان اوور سيز پاڪستانين کي جائداد جي خريداري ۽ وڪري ۾ درپيش مشڪلاتن جو خاتمو ايندو، ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته اي اسٽيمپنگ نظام کي سنڌ جي پنھنجي آءِ ٽي اداري سنڌ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني حوالي ڪرڻ صوبي جي ڊجيٽل خودمختياري ڏانھن اھم اڳڀرائي آھي. اي اسٽيمپنگ سان روينيو اوڳاڙي جو نظام بھتر ٿيندو، شھرين کي موبائل ايپ پيپر ليس اسٽيمپ ڊيوٽي ۽ ٽو فيڪٽر تصديق جھڙيون جديد سھولتون فراھم ڪيون وينديون. ھن وڌيڪ چيو تھ لاڙڪاڻي ۾ 4.8ارب جي لاڳت سان جديد سبزي مندي جو قيام زرعي معيشت کي مضبوط ڪندو، ھن چيو تھ ڪنزيومر ڪورٽس کي ٽريفڪ ڪورٽس ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو شھرين کي فوري انصاف جي فراھمي لاءِ ڪيو ويو آھي. هن چيو ته سجاول جي 405002 ايڪڙ انٽر ٽائيڊل زمين کي محفوظ ٻيلو قرار ڏيڻ سان سامونڊي طوفان ۽ سامونڊي لھرن خلاف قدرتي ڍال ثابت ٿيندي.