| “4 لک ڪافي ناهن” حسين جهان جي درخواست تي شامي کي عدالتي نوٽيس |
نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي عدالت ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بائولر محمد شامي جي اڳوڻي زال حسين جهان جي طرفان داخل درخواست تي جواب ۾ رانديگر ۽ مغربي بنگال حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب، ڪولڪتا جي عدالت طلاق واري ڪيس ۾ ڀارتي رانديگر کي پنهنجي اڳوڻي زال حسين جهان ۽ ڌيءَ آئرا کي مهيني 4 لک روپيا ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو. ان رقم کي ڪافي نٿو سمجهيو وڃي، حسين جهان ڪولڪتا جي عدالت جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو هو. حسين جهان جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ڀارتي رانديگر ۽ اولهندي بنگال حڪومت کي نوٽيس جاري ڪيو کانئن 4 هفتن ۾ جواب گهريو ويو. واضح رهي ته اڳوڻي ماڊل حسين جهان 2014 ۾ محمد شامي سان شادي ڪئي هئي، 2015 ۾ انهن کي ڌيءَ آئرا ڄائي. حسين جهان 2018 ۾ محمد شامي تي گهر ۾ تشدد، زنا ۽ ڏاج لاءِ هراسان ڪرڻ جا الزامات لڳائي ان کان عليحدگي اختيار ڪئي هئي. طلاق جو ڪيس اڃا تائين عدالت ۾ هلي رهيو آهي. هي ڪيس عورتن کي گهر ۾ تشدد کان تحفظ ڏيڻ واري قانون تحت داخل ڪيو ويو هو. گذريل سال 2023 ۾ عدالت محمد شامي کي پنهنجي زال حسين جهان کي 50 هزار روپيا ۽ ڌيءَ آئرا کي 80 هزار روپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. حسين جهان عدالت جي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي ۽ پنهنجي لاءِ 7 لک روپيا مهيني ۽ ڌيءَ لاءِ 3 لک روپيا ماهوار مدد جي درخواست ڪئي آهي.