سنڌ ۾تعليمي سال ساڍا 4 مهينا ليٽ: داخلاٽارگيٽ 60 لک: ڇپايل ڪتاب 44.5 لک: 15 لک کوٽ جا امڪان
آگسٽ 6, 2024
حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ ۾ درسي ڪتابن جي ڇپائي ۾ دير سبب تعليمي سال ساڍا 4 مهينا ليٽ، سنڌ تعليم کاتي پاران شاگردن جي داخلا 45 کان وڌائي 60 لک ڪرڻ واري اعلان ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران وري 44 لک 53 هزار شاگردن لاءِ ڪتاب ڇپرائڻ جي دعويٰ سبب هيل ساڍا 15 لک شاگردن کي مفت درسي ڪتاب ملي نه سگهندا، ان ڏس ۾ ورتل جائزي موجب سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه تازو ٽيچرز پليسمينٽ ڪاميٽي جي ڪوٺايل اجلاس ۾60 هزار نوان استاد ڀرتي ٿيڻ ۽ 10 هزار بند اسڪول کولڻ جي دعويٰ ڪندي چيو هو ته هيل سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي داخلا 45 لکن کان وڌائي 60 لکن تائين پهچائي ويندي، ٻئي طرف صوبائي وزير جي اعلان جي ٻئي ڏهاڙي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين عبد العيلم لاشاري وري پريس ڪانفرنس ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته هنن تعليم کاتي جي ڏنل انگ اکرن آڌار ارلي چائلڊ هوڊ کان وٺي ميٽرڪ ڪلاس تائين 44 لک 53 هزار 686 شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ جملي 2 ڪروڙ 43 لک 51 هزار 475 ڪتاب ڇپراياآهن، نئين صورتحال ۾ تعليم کاتي پاران نئين داخلائن ذريعي اسڪول پهچندڙ 15 لک شاگرد درسي ڪتابن کان محروم ٿي ويندا، هوڏانهن ٽيڪسٽ بوڪ بورد جي چيئرمين پاران پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ عدالتي ڪيسن ۽ مالي مامرن سبب ڪتابن جي ڇپائي جا ٽينڊر سيپٽمبر يا آڪٽوبر 2023ع بجاءِ 8 مهينا ليٽ سان مئي ۽ جون 2024ع ۾ڪرائڻ واري اعتراف بعد اها حقيقت به ظاهر ٿي وئي آهي ته تعليم کاتي درسي ڪتاب وقت سر نه ڇپجڻ سبب تعليمي سال پهرين اپريل بجاءِ 4 مهينا ليٽ سان پهرين آگسٽ کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، 4 مهينن جي عرصي ۾ به درسي ڪتاب ڇپجي نه سگهڻ سبب اونهاري جي موڪلن ۾ 14 ڏينهن واڌ ڪري سمورا اسڪول پهرين بجاءِ 15 اگسٽ کان کولڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ، جائزي دوران معلوم ٿيو ته سنڌ حڪومت پاران لڳ ڀڳ ساڍا 4 ارب رپين جي لاڳت سان پهرين درجي کان ميٽرڪ تائين جي شاگردن ۾ مفت درسي ڪتاب ورهائڻ وارو سلسلو 15 آگسٽ تائين مڪمل نه ٿيڻ سبب نئون تعليمي سال وڌيڪ ليٽ ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ هيل 21 پبلشرن کي 39 پيڪيجن جي صورت ۾ 203 ٽائٽل ڇاپڻ جي ذميواري سونپي هئي، آزاد ذريعن ٻڌايو ته بورڊ انتظاميا هر سال جيان هيل به 3 نالن سان ڪم ڪندڙ بااثر پبلشر کي هڪ ارب 80 ڪروڙ رپين جا ڪتاب ڇاپڻ جو ٺيڪو ڏنو هو، عدالتي ڪيسن ۽ ڦڏن جي حوالي سان مشهور پبلشر وٽ گهربل مشينون ۽ بائينڊر نه هجڻ ڪري ٻين پريسن مان ڇپائي ڪرائڻ سبب ڪتابن جي ڇپائي ۽ رسائي ۾ دير ٿي آهي، هوڏانهن ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ انتظاميا جي دعويٰ موجب 31 جولاءِ تائين 80 سيڪُڙو ڪتاب سندن حوالي ٿي چڪا هئا، جڏهن ته 20 سيڪڙو ڪتاب ڇپائي لاءِ پبلشرن وٽ رهيل هئا، ذريعن موجب بورڊ پاران هر سال اڍائي ارب رپين جا ڪتاب ڇپرايا ويندا هئا پر هيل اهو ڪاٿو اڍائي ارب مان وڌي 5 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي. ان سلسلي ۾ بورڊ جي چيئرمين عبدالعليم لاشاري جو چوڻ هو ته اسان گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هيل ٻيڻا ڪتاب ڇپرايا آهن، جن جو انگ 2 ڪروڙ 43 لک آهي.انهي ڪري هيل ڪتابن جي کوٽ نه ٿيندي.
پبلشرن ۾ ڦڏو: ٽيڪسٽ بورڊ مٿان پنهنجا نوازي جو الزام
حيدرآباد: گذريل 4 سالن کان سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي ڪتابن جي ڇپائي جو وڏو ٺيڪو حاصل ڪندڙ پبلشر ۽ ٻين پبلشرن ۾ تڪرار پيدا ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد پبلشرز اينڊ پرنٽرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته بورڊ اختياريون سالن کان هڪ مخصوص پبلشر کي نوازي رهيون آهن، اهو پبلسشر جيڪو بورڊ جي ڊپازٽ واري رقم ڦٻائڻ سان گڏآفيسرن کي عدالتن جا دڙڪا ڏئي بليڪ لسٽ ٿيڻ بدران وڏي ٺيڪي جو مالڪ بڻجي وڃي ٿو. پبلشر اڳواڻن جو چوڻ هو ته اربين رپين جي لاڳت سان شايع ٿيندڙ بورڊ جي ڪتابن جي ڇپائي واري عمل ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي نيب کان جاچ ڪرائي وڃي. ٻئي طرف ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي سيڪريٽري حفيظ مهر ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو ته بورڊ پاران ڪتاب ڇپائي جا ٺيڪا قاعدن ۽ قانونن مطابق ڏنا آهن، هن سوال اٿاريندي چيو ته جيڪو پبلشر وقت سر ڪتاب ڇاپي ڏئي ٿو، ان کي ٺيڪو ڏيڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ هن چيو ته پبلشر ايسو سيئشن وارا پروفيشنل جيلسي ( حسد) سبب ڄاڻايل پبلشر جو نالو استعمال ڪري رهيا آهن.
ڪتاب وڪرو ٿيڻ ۽ جعلي ڪتاب ڇپجڻ جو انڪشاف
حيدرآباد: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مفت فراهم ٿيندڙ ڪتابن جي وڪري سان گڏوگڏ جعلي ڪتاب شايع ٿيڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب سنڌ اندر سنڌ حڪومت پاران اربين رپيا خرچ ڪري پهرين کان ڏهين درجي جي ٻارن ۾ مفت درسي ڪتاب ورهايا وڃن ٿا پر انهن ڪتابن جي مختلف هنڌن تي وڪري ٿيڻ جا اطلاع ملندا رهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻارن ۾ مفت ڪتاب ورهائڻ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران ڊي اي اوز ۽ ٽي اي اوز کان ٻارن جي تعداد، جنرل رجسٽريشن ۽ شاگردن جي والدين جي قومي سڃاڻپ ڪارڊن جي فوٽو ڪاپي سميت تفصيل ورتا وڃن ٿا، ذريعن موجب سنڌ جي مختلف سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي رجسٽريشن (داخلا) ته وڌيڪ ٿيل آهي پر انهن رجسٽرڊ ٿيل ٻارن جو وڏو انگ نجي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندو آهي، ڊبل اسڪولن ۾ پڙهندڙ توڙي واڌو رجسٽريشن ڏيکاريل شاگردن لاءِ آيل ڪتاب وڪرو ٿيڻ جا انڪشاف ٿيا آهن. ذريعن موجب سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ 2024ع ۾ ڪتابن جي جعلي ڇپائي کي روڪڻ لاءِ شايع ٿيندڙ ڪتابن تي هڪ خاص قسم جو اسٽيڪر پڻ لڳايو آهي جنهن ذريعي هر ماڻهو اصل ۽ نقل ڪتاب جي سڃاڻپ ڪري سگهبي.
ڪتابن جي ڇپائي ۾ دير جا اهم سبب سامهون اچي ويا
حيدرآباد: سنڌ ۾ درسي ڪتابن جي ڇپائي ۾ دير جا اهم سبب سامهون اچي ويا ان سلسلي ۾ ”پنهنجي اخبار“ کي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب هيل ڪتابن جي ڇپائي جو ٺيڪو حاصل ڪرڻ لاءِ پبلشرن جو سنڌ ٽيڪسٽ بُوڪ بورڊ جي انتظاميا تي شديد دٻاءُ هو، پبلشرن جو هڪ گروپ ڪروڙين رپين جا ٺيڪا حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت پڻ پهتو هو،جنهن سبب بورڊ ڪتابن جي ڇپائي جو وقت سر ٽينڊر نه ڪرائي سگهيو. ذريعن موجب عدالت ٻارن جي مستقبل کي نظر ۾ رکندي بورڊ کي ٽينڊر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، جنهن بعد ڪتابن جي ڇپائي شروع ٿي سگهي، هن ڀيري بورڊ پاران روايتي مينوئل طريقيڪار بجاءِ اي پروڪيورمينٽ ذريعي ٽينڊر ڪرائڻ سبب ڪجهه پبلشرن ٺيڪا وٺڻ واري ريس ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويا، ذريعن موجب ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي هڪ باقيدار پبلشر کي هيل به ٺيڪن سان نوا زيو ويو، ذريعن موجب باقيدار پبلشر تعليم واري وزير سان ملاقات ڪري کيس خاطري ڪرائي هئي ته ڪتابن جي ڇپائي جو ٺيڪو ملڻ جي صورت ۾ هو عدالت ۾ داخل پٽيشنون واپس وٺندو.
حيدرآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران درسي ڪتاب اسڪولن بدران رڳو ڊي اي او آفيسن تائين پهچائڻ ۽ هيڊماسترن پاران ڪتاب اسڪولن ۾ ذخيرو ڪرڻ جا معاملا به سامهون ايندا رهيا آهن. ذريعن موجب 2 سال اڳ تعليم واري وزير سيد سردار شاهه عوامي شڪايتن تي حيدرآباد جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول گول بلڊنگ ۾ ڇاپو هنيو هو، جتي اسڪولي ڪمرن مان هزارن جي تعداد ۾ درسي ڪتاب مليا هئا. ان وقت صوبائي وزير ڪتاب شاگردن کي پهچائڻ بدران اسڪولن ۾ رکڻ تي حيدرآباد شهر جي ٽي اي او پرائمري ۽ ٽي اي او سيڪنڊري کي معطل ڪري معاملي جي جاچ جو به حڪم ڏنو هو. ذريعن موجب اهڙو عمل نه رڳو حيدرآباد پر سڄي سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي ٿيندو رهندو آهي.
سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جا ساڍا 44 لک مان رڳو سوا لک شاگرد ميٽرڪ ۾ پهتا
ڄامشورو(رپورٽ: مرتضيٰ نوحاڻي) سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ پهرين کان ميٽرڪ تائين داخل ٿيل 44 لک 53 هزار 686 شاگردن ۽ شاگرياڻين مان رڳو هڪ لک 28 هزار 777 شاگرد ۽ شاگردياڻيون (2.89 سيڪڙو) ميٽرڪ تائين مس پهچي سگھيا، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران ارلي چائلڊ هوڊ کان وٺي ميٽرڪ تائين ڇپايل درسي ڪتابن جي سيٽن بابت جاري ڪيل لسٽ موجب ارلي چائلڊ هوڊ ۾ 10 لک 41 هزار 180 شاگرد داخل ٿيا، جيڪي پهرين درجي ۾ پهچڻ بعد 4 لک گھٽجي 6 لک 63 هزار 33 بچيا، ٻئي درجي ۾ شاگردن جو انگ ويتر گھٽجي 6 لک هڪ هزار 181 رهجي ويو، ٽئين درجي ۾ شاگردن جو انگ 4 لک 53 هزار 205، چوٿين درجي ۾ 4 لک 25 هزار 129 ۽ پنجين درجي ۾ 3 لک 90 هزار 24 تي پهتو، انگ اکر ٻڌاين ٿا ته ارلي چائلڊ هوڊ کان پنجين درجي تائين پهچندڙ شاگردن جو وڏو انگ اسڪول ڇڏي وڃي ٿو، جڏهن ته ڇهين درجي ۾ رڳو 2 لک 16 هزار 713 شاگرد داخل ٿي سگھيا، انگن اکرن موجب ستين درجي ۾ شاگردن جو انگ هڪ لک 96 هزار 713، اٺين درجي ۾ هڪ لک 73 هزار 423 رهيو، جڏهن ته نائين درجي ۾ آرٽس، سائنس توڙي ڪامرس گروپن جا ٽوٽل هڪ لک 64 هزار 308 شاگرد پهچي سگھيا. ميٽرڪ ۾ اهو انگ ويتر گھٽجي هڪ لک 28 هزار 777 ٿي ويو، انگن اکرن موجب ارلي چائلڊ هوڊ جي سنڌي ميڊيم ۾ 9 لک 75 هزار 214 شاگرد داخل ٿيا، جيڪي ميٽرڪ ۾ گھٽجي 85 هزار 774 تي پهتا، جڏهن ته اردو ميڊيم ۾ داخل ٿيل 65 هزار 966 شاگردن مان رڳو 20 هزار 788 شاگرد ميٽرڪ پاس ڪري سگھيا. انگريزي ميڊيم ۾ پهرين درجي ۾ داخل ٿيل هڪ لک 72 هزار 950 شاگرد ميٽرڪ ۾ پهچڻ بعد گھٽجي 22 هزار 215 رهجي ويا. انگ اکر اهو به ٻڌائين ٿا ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ 80 سيڪڙو شاگرد رڳو سنڌي ميڊيم جا ئي داخل ٿين ٿا. اردو ۽ انگريزي ميڊيم وارن جي پهرين اوليت خانگي اسڪول هجي ٿي.
ڪراچي ، حيدرآباد ۽ اسلام آباد جي 21 پبلشرن کي ٺيڪا مليا
ڄامشورو: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران ساڍا 44 لک درسي ڪتاب ڇاپڻ جا ٺيڪا حيدرآباد، ڪراچي ۽ اسلام آباد جي 21 پبلشرن کي ڏنا ويا هئا، ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي اٿارٽي پاران جاري ڪيل لسٽ موجب افيئرز پبلشنگ هائوس ڪراچي، علي حسن پريس، الانا انٽرپرائيزز ڪراچي، اقبال پبلشنگ ڪمپني حيدرآباد، ڪاشف بوڪ ايجنسي ڪراچي، پاڪستان ٽريڊنگ هائوس ڪراچي، پيرامائونٽ پرنٽنگ پريس ڪراچي، رائل ڪارپوريشن ڪراچي، سنڌي ڪتاب گھر ڪراچي، يونيورسل بوڪ ڊپو حيدرآباد، ويلڪم بوڪ ڊپو، افراسيا پرنٽنگ پريس ڪراچي، بينسن پرنٽرس ڪراچي، احتشام پيڪيجز ڪراچي، ماريه پرنٽرز اسلام آباد، مائٽي ڊيلس ڪراچي، نيو انڊس پرنٽنگ پريس ڪراچي، قاضي ايسوسيئٽس ڪراچي، شوڪت علي، دي ٽائيمز پريس ڪراچي، اردو اڪيڊمي سنڌ ڪراچي کي ڏنا ويا هئا.
پراڻا ڪتاب گڏ ڪرڻ وارو بوڪ بينڪ منصوبو ناڪام
حيدرآباد: سنڌ حڪومت پاران پاس ٿيندڙ شاگردن کان پراڻا درسي ڪتاب گڏ ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل بوڪ بينڪ منصوبو ناڪامي جو شڪار ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ تعليم کاتي نصابي ڪتابن جي کوٽ جي پورائي لاءِ ڪجهه وقت اڳ اعلان ڪيو هو ته پاس ٿيندڙ شاگرد پنهنجا پراڻا ڪتاب اسڪول جي بوڪ بئنڪ ۾ جمع ڪرائيندا، جيڪي نوان شاگردن کي ڏنا ويندا، انهي عمل سان سنڌ حڪومت جو ڪتابن جي ڇپائي جو خرچ به بچندو ۽ ٻارڙن کي وقت سر گهربل ڪتاب به ملي سگهندا. ذريعن موجب سنڌ حڪومت جي اهڙي اعلان تي سنڌ جي 90 سيڪڙو اسڪولن عمل نه ڪيو آهي، جنهن سبب ڄاڻايل منصوبو ناڪامي جو شڪار ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي سيڪريٽري حفيظ مهر ٻڌايو ته ايندڙ سال 25 سيڪڙو ڪتاب اسڪولي بُوڪ بئنڪن ۾ جمع ٿيڻ جي اميد آهي، اسان جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش آهي ته سنڌ جي اسڪولن ۾ 75 سيڪڙو ڪتاب جمع ٿي سگهن ته جيئن ڪتابن جي ڇپائي تي سنڌ حڪومت جو وڏو بچي سگهي.
وزير تعليم جي تڪ پٿوري تعلقي جو ميرپور خاص ڊويزن ۾ آخري نمبر : 8193 شاگرد داخل ٿيل
ڄامشورو: تعليم واري وزير سردار شاھ جي پٿوري واري تڪ ۾ تعليمي شرح جو گراف هيٺ لهي آيو، ان ڏس ۾ ڪمشنر ميرپورخاص پاران ڪتابن جي ورڇ بابت جاري ڪيل رپورٽ موجب 18 تعلقن تي ٻڌل ميرپورخاص ڊويزن جي پٿوري تعلقي ۾ ارلي چائلڊ هوڊ کان وٺي ميٽرڪ تائين جي ڪلاسن ۾ جملي 8193 شاگرد داخل ٿيل آهن، جن مان سنڌي ميڊيم ۾ 8151، اردو ميڊيم ۾ 42 ۽ انگريزي ميڊيم ۾ زيرو شاگرد داخل ڄاڻايا ويا آهن. ميرپورخاص ڊويزن جي 18 تعلقن ۾ پٿوري جو نمبر آخر ۾ اچي ٿو.
4 سالن کان تعليمي سال شروع ٿيڻ کانپو ءِ درسي ڪتاب پهچڻ / ورهائڻ جو سلسلو هلندڙ
حيدرآباد: سنڌ ۾ گذريل 4 سالن کان تعليمي سال شروع ٿيڻ کانپو ءِ درسي ڪتاب پهچڻ / ورهائڻ جو سلسلو هلندڙ آهي، ان ڏس ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته بورڊ اختياريون وقت تي ڪتاب اسڪولن ۾ پهچائڻ جي دعويٰ ته ڪنديون رهيون آهن پر حقيقت انهي جي ابتڙ هوندي آهي، هيل به ڪتابن جا سمورا سيٽ 15 آگسٽ تائين ورهائجي نه سگهبا