‘4 Idiots’ سيڪوئل لاءِ چوٿين بيوقوف جي ڳولا   

‘4 Idiots’ سيڪوئل لاءِ چوٿين بيوقوف جي ڳولا   

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سپرهٽ فلم’3 Idiots’ جي مداحن لاءِ وڏي خبر سامهون اچي وئي آهي. رپورٽن موجب ڊائريڪٽر راجڪمار هيراڻي نئين سيڪوئل ‘4 Idiots’ تي ڪم ڪري رهيو آهي 2009ع  ۾ رليز ٿيل بلاڪ بسٽر فلم جي ڪهاڻي هاڻي هڪ قدم اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهي. هن ڀيري پروڊڪشن ٽيم فلم ۾ هڪ نئين ليڊ ڪردار کي متعارف ڪرائڻ جو به ارادو رکي ٿي، جنهن کي فلم ۾ ‘چوٿون بيوقوف’ سڏيو پيو وڃي. فلم لاءِ هڪ وڏي سپر اسٽار جي ڳولا جاري آهي، ياد رهي ته ‘3 Idiots’ ۾ عامر خان، آر مڌون، شرمن جوشي ۽ ڪرينا ڪپور خان مرڪزي ڪردار ادا ڪيا هئا.

فلم نه رڳو باڪس آفيس تي 200 ڪروڙ رپيا ڪمائڻ ۾ ڪامياب ٿي پر وقت سان گڏ هڪ ڪلٽ ڪلاسڪ پڻ بڻجي وئي. فلم ۾’چوٿون Idiot’ ڪير هوندو؟ انهي تي سسپنس برقرار آهي.