40 ڪروڙ ڪٿي خرچ ٿيا ؟ برسات ۾ دادو ٻوڙان ٻوڙ، گٽر نالا اٿلي پيا

آگسٽ 5, 2024

دادو (رپورٽ : فتاح شيخ) سنڌ حڪومت پاران برسات الرٽ جاري ڪندي برسات جو پاڻي فوري طور نيڪال ڪرڻ لاءِ دادو ۾ مين نالن جي تعمير ۽ صفائي ڪرائڻ لاءِ  هڪ مهينو اڳ ئي پبلڪ هيلٿ کاتي کي 40 ڪروڙ رپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا ، پبلڪ هيلٿ کاتي پاران مليل فنڊ خرچ ڏيکاريا ويا پر جڏهن شهر ۾ برسات پئي ته الٽو ڊرينيج جا نالا ۽ گٽر اٿلي روڊن، رستن تي وهڻ لڳا، جنهن سبب شهر جو موندر ناڪو ، ڪاليج روڊ ، بس اسٽاپ ، ايس پي چوڪ سميت شهر جي اڪثر روڊن ، رستن تي ڏيڍ کان ٻه فوٽ پاڻي بيهي ويو آهي، اڪثر پاڙن ۽ ڪالونين ۾ پڻ پاڻي بيهي ويو آهي، شهرين امام بخش پنهور، محمد خان ٻٻر ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ايتري برسات ناهي پئي جيترو شهر ۾ پاڻي بيهي ويو  آهي، ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ دادو شهر ۾ ٻوڏ آئي آهي ، هنن چيو ته  پبلڪ هيلٿ 40 ڪروڙ ڪٿي خرچ ڪيا ويا،  ان جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.  ٻي طرف شهر ۾  وقفي وقفي سان برسات جي زوردار وسڪارن سبب اسٽيشن روڊ  نيو چوڪ ، شاهي بازار ، پراڻو چوڪ ، ڪاليج روڊ ، نيو بس اسٽاپ ، پراڻو بس اسٽاپ ، موندر ناڪو ، ڪاليج روڊ برسات ۽ گٽر ، نالا اٿلڻ سبب پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، جتي ڪاروبار مڪمل طور تي ٺپ ٿي ويا آهن، شهر سميت ٻهراڙي جي 22 کان وڌيڪ فيڊرن تي مسلسل 24 ڪلاڪن کان بجلي جي سپلاءِ بند پيل آهي

Leave A Comment