40لک موبائل واهپيدارن جي نگراني واري نظام جو انچارج ڪير آهي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
جُولاءِ 1, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪيس ۾ وڏو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته بادي النظر ۾ شهرين جي نگراني ۽ ڪال رڪارڊنگ جو نظام قانوني طور تي صحيح ناهي، وفاقي حڪومت ۽ پي ٽي آي عدالت کي ٻڌايو ته هنن ڪنهن به اداري کي نگراني جي اجازت ناهي ڏني، ٽيليڪام ڪمپنين کي غيرقانوني طور شهرين جي ڊيٽا تائين رسائي ڏيڻ غير آئيني آهي، غلط بياني تي پي ٽي اي چيئرمين ۽ ميمبرن کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته لافل انٽرسيپٽ مينيجمينٽ سسٽم بابت غلط بياني تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو آهي، ٽيليڪام آپريٽرز ۽ پي ٽي اي وچ ۾ خط و ڪتابت جا تفصيل سيل بند لفافي ۾ جمع ڪرايا وڃن، ٽيليڪام ڪمپنيون پي ٽي اي سان گڏ سسٽم لڳائڻ تي تفصيلي رپورٽ به جمع ڪرائين. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جوابدارن جي سي ڊي آر ۽ لائيو لوڪيشن پوليس سان شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ٽيليڪام ڪمپنيون ايندڙ ٻڌڻي تي سي ڊي آر، لائيو لوڪيشن وزارت داخلا جي ايف سو پيز مطابق شيئر ڪن. عدالتي آرڊر موجب ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته هو چيمبر ۾ ڪجهه دستاويز ڏيکارڻ چاهي ٿو. عدالت چيمبر ٻڌڻي جي درخواست رد ڪري ڇڏي، وفاقي حڪومت کي دستاويز جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اميد آهي ته وزيراعظم ڳجهن ادارن کان رپورٽ طلب ڪري معاملو ڪابينا آڏو رکندو. وفاقي حڪومت رپورٽ ڏي ته لا فل انٽرسيپشن مينيجمينٽ سسٽم لڳائڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ وفاقي حڪومت ڇهن هفتن ۾ ٻڌائي ته ڪير شهرين جي ڊيٽا تائين رسائي پوءِ سوشل ميڊيا تي ڊيٽا ليڪ ڪرڻ جو ذميوار آهي. بادي النظر ۾ وزيراعظم، سياسي اڳواڻن، ججن، سندن خاندانن، ڪاروباري شخصيتن جي آڊيو رڪارڊنگ جي نگراني جو نظام موجود آهي. بادي النظر ۾ آڊيو رڪارڊنگ کانپوءِ مخصوص سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پوءِ مين اسٽريم ميڊيا تي ايندي آهي، تقريبن چاليهه لک موبائل استعمال ڪندڙن جي هڪ وقت ۾ ڪال ۽ ايس ايم ايس تائين رسائي ٿي رهي آهي، موبائل ڪمپنين پاران 2 سيڪڙو شهرين جي ڊيٽا تائين رسائي جو نظام قانوني طور درست ناهي. بشريٰ بي بي جي ڪيس ۾ جسٽس بابر ستار 29 صفحن تي ٻڌل تفصيلي حڪم نامو جاري ڪيو.