5سالن کان لاپتا رهندڙن جي وارثن کي 50لک ڏيڻ جو اعلان: رڳو ايجنسيون ملوث ناهن، ٻيا سبب به آهن: وفاقي سرڪار

آگسٽ 3, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار پاران 5 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين لاپتا رهندڙ ماڻهن جي خاندانن کي 50-50 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، وفاقي ڪابينا لاپتا ماڻهن جي وارثن لاءِ امدادي پيڪيج جي منظوري ڏني، ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن جي مدد لاءِ رياست غير معمولي ۽ تاريخي فيصلو ڪيو آهي، ڪابينا جي اجلاس ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت بين الوزارتي ڪاميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي، گم ٿيل ماڻهن سان ڪجهه انساني مسئلا به جڙيل آهن، ڳجهن ۽ رياستي ادارن سان مشاورت بعد رپورٽ تيار ڪئي وئي، وفاقي ڪابينا 5 سالن کان گم ماڻهن جي خاندانن لاءِ 50-50 لک روپين جي منظوري ڏني، رياست ماءُ جيان هوندي آهي، ان سوچ تحت متاثر ماڻهن کي رليف ڏنو پيو وڃي، پاڪستان ۾ هر شهري جي زندگي جو تقدس ۽ تحفظ آهي.قانون واري وزير چيو ته ماڻهن جي لاپتا ٿيڻ ۾ رڳو ايجنسيون ئي ملوث نه آهن پر ٻيا به ڪيترائي سبب هوندا آهن، ٻن ڪاميٽين جي رپورٽ ڪابينا منظور ڪئي، لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ حڪومت مسلسل ڪم ڪري رهي آهي، پي ڊي ايم حڪومت ڪاميٽي ٺاهي هئي، نگران حڪومت ۾ به ڪاميٽي ڪم ڪيو، ڪنهن به فرد جو لاپتا ٿيڻ ان جي خاندان لاءِ انتهائي ڏک جو سبب بڻجندو آهي.

Leave A Comment