ڪي راتيون رڪيل رھنديون آھن. ڀل سوين سج اڀري لھن. پر اھي راتيون ختم نه ٿينديون آھن. آمريت جي رات به اھڙين راتين مان ھڪ ھجي ٿي. جبر جي اھا رات جيڪا جمھوريت کي قتل ڪري ٿي. اھا رات ھٿن ۾ جھليل اخبارن ۽ ڀت تي لڙڪندڙ ڪئلينڊرن جي حوالي سان ته ڪجھه ڪلاڪن کان پوءِ گذري وڃي ٿي پر حقيقت ۾ اھا رات پنھنجي رھزنيءَ جي حوالي سان ملڪ ۽ معاشري جي مٿان مسلط رھي ٿي.
اڄ کان 48 سال اڳ 5 جولاءِ جي اھا رات به ڪجھه اھڙي ھئي. اھا رات جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس ساٿي دير تائين سياسي ملاقاتون ڪندا رھيا ۽ پوءِ گھري ننڊ جي آغوش ۾ ھليا ويا ھئا ته جنرل ضياءَ جي حڪم تي راولپنڊيءَ جي ڪور ڪمانڊر ٽرپل ون برگيڊ کي سولين حڪومت خلاف حرڪت ۾ اچڻ جو حڪم ڏنو. اڄ کان چار ڏھاڪا اڳ ملڪ جا جاڙا شھر يعني اسلام آباد ۽ راولپنڊي اھڙا نه ھئا، جھڙا اڄ آھن. ان دؤر ۾ اسلام آباد ته گھاٽي ٻيلي جو منظر پيش ڪندو ھو. پر پنڊيءَ ۾ به پيھہ ڪجھه گھٽ ھئي. پنھنجي تنھن وقت واري آباديءَ جي حوالي سان راولپنڊي پوءِ به رھڻ جھڙو دلڪش ۽ پرآسائش شھر ھو. ان ڪري ملڪ جي ٻين شھرن مان اسلام آباد ايندڙ آفيسر ۽ سياستدان اسلام آباد بدران پنھنجي رھائش راولپنڊيءَ ۾ اختيار ڪندا ھئا. جڏھن ته اسلام آباد ھڪ اھڙو جھنگ ھو، جنھن ۾ انسانن کان وڌيڪ جھنگلي جيوت جو آشيانو ھوندو ھو. اھوئي سبب ھو ته سج لھڻ کان پوءِ اسلام آباد جا مارڪيٽ بند ٿيڻ لڳندا ھئا. ھاڻي ته اسلام آباد صبح تائين جاڳندڙ شھر بڻجي ويو آھي پر ان وقت يعني ستر واري ڏھاڪي ۾ ته ڏھين وڳي کان پوءِ روڊن تي گاڏيون گھٽ ۽ جانور وڌيڪ نظر ايندا ھئا.
جمھوريت خلاف آمريت جو نفاذ ان دؤر ۾ ٿيو ھو، جنھن دؤر ۾ نفيس ڪامورا ننڊ جون گوريون کائي اسڪولي ٻارن وانگر سوير سمھي پوندا ھئا پر رات جو دير تائين ذاتي ۽ سياسي ڪچھريون ڪندڙ ڪجھه ماڻھو ان دؤر ۾ به چٻرن جيان رات جي پوئين پھر تائين جاڳندا ھئا. ۽ ھو اھي ماڻھو ھئا، جن بعد ۾ پاڪستان جي سياست تي ڪتاب لکندڙ ملڪي ۽ غير ملڪي صحافين کي ٻڌايو ھو ته انھن کي رات جي پوئين پھر فوجي گاڏين جي غير معمولي چرپر ڏسي ڪجھه شڪ پيو ھو ۽ انھن پڪ ڪرڻ لاءِ جڏھن پنھنجن سرڪاري گھرن مان ٽيليفون ملايا ته لائينون ڪٽل ھيون. پاڪستان ۾ ته ”اور لائين ڪٽ گئي“ جي نالي سان به ڪتاب لکيا ويا.
سو اھا سازش جي سفاڪ رات ھئي، جنھن رات جو قومي اتحاد يعني پي اين اي ۽ پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ ڳالھيون جاري رکڻ تي اتفاق ٿيو ھو. ٻي ڏينھن ذوالفقار علي ڀٽو جي ھدايت موجب مسٽر حفيظ پيرزادي کي پي اين اي جي ليڊرن سان ملاقات به ڪرڻي ھئي ۽ اھڙي خبر صبح جي ريڊيو بليٽن ۾ نشر به ڪئي وئي پر اھو ڏينھن ڪڏھن نه آيو. پوءِ آمريت جي رات پنھنجي تاريڪ تسلسل سان ترسي پئي ۽ اھا ڳالھ به ڪيتري نه شرمساريءَ سان ڀريل آھي ته ان رات جمھوريت کي جبر سان ختم ڪري آمريت مسلط ڪرڻ واري سازش کي جيڪو نالو ڏنو ويو، اھو نالو ھو: ”آپريشن فيئرپلي“. حالانڪ ان آپريشن کي فيئرپلي قرار ڏئي نه ٿو سگھجي. اھو فيئرپلي نه پر “ان فيئرپلي” ھو. پر حيرت جي ڳالھ آھي ته اڄ ڏينھن تائين ان آپريشن جي نالي تي غور نه ڪيو ويو. ڇو ته جنرل فيض چشتيءَ ۽ پنھنجن ويجھن دوست کي ”مرشد“ چئي مخاطب ٿيندڙ پاڪستان جي ميسڻي جنرل ضياءَ الحق جي جمھوريت کي ھٽائڻ لاءِ وڇايل سازش جي فوجي ڄار جو نالو پنھنجي پھرئين واعدي کان وٺي پوئين واعدي تائين ھر واعدي وانگر ”ان فيئر“ ۽ ”ڪوڙو“ ھو.
جنرل ضياءَ ملڪ کي ٽڪراءَ کان بچائڻ جي بھاني مارشلا لڳائڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي. جڏھن ته مارشلا لڳڻ کان پوءِ اڄ ڏينھن تائين پاڪستان جي ڪنھن به سياستدان ۽ صحافيءَ اھو نه چيو ۽ نه وري لکيو آھي ته ڪو تڪراري چونڊن سبب ملڪ ۾ ٽڪراءَ ۽ ان ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ گھرو ويڙھ جو ڪو اھڙو خطرو ھو، جنھن سبب مارشلا لڳائڻ مجبوري ھئي. ھونءَ به جنرل ضياءَ جو پھريون اعلان اھو ھو ته ھو صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ آيو آھي ۽ 90 ڏينھن اندر چونڊون ڪرائي ھو فوج سميت بيرڪن ۾ واپس موٽي ويندو پر 90 ڏينھن جو اھو لالي پاپ ملڪ ۽ عوام کي حاصل ٿي سگھيو. جيڪڏھن ھن ملڪ جي عوام کي جنرل ضياءَ جي نام نھاد آپريشن فيئرپلي مان ڪجھ حاصل ٿيو ته ذوالفقار علي ڀٽو سميت جمھوريت پسندن جا لاش ۽ ملڪ جي تباھيءَ جي اھا صورتحال، جنھن جو وقت گھٽ ۾ گھٽ ھن مھل تائين ته ڪو ازالو نه ڪيو آھي. ھونءَ به ڪي نقصان اھڙا ھوندا آھن، جن ڪو ازالو ممڪن نه ھوندو آھي. آمريتون به قومن ۽ ملڪن جا اھڙا نقصان ڪنديون آھن. ممڪن آھي ته يونان ۽ ترڪيءَ جھڙا ملڪ ھاڻي اھا دعويٰ ڪندا ھجن ته انھن آمريت جو ڌڪ پچائي ورتو آھي پر اسان کي پاڪستان ۾ به گھٽ ۾ گھٽ اھڙي صورتحال ھن مھل تائين نظر نه آئي آھي.
5 جولاءِ جي اھا رات- جنھن ۾ جنرل ضياءَ ملڪ کي آمريت طرف ڌڪيو ھو، اھو واقعو بعد ۾ اھڙي ڌٻڻ بڻجي ويو، جنھن ۾ ھي ملڪ ھن مھل تائين مسلسل ھيٺ لھندو نظر آيو آھي. وقت جيڪڏھن مصور سلوندور ڊاليءَ جي جڳ مشھور پينٽنگ وانگر صحرا ۾ رکيل گھڙيالن جو منظر پيش ڪندو ھجي ھا ته 5 جولاءِ واري نالي ۾ فئيرپلي ۽ اصل ۾ “ان فيئرپلي” آپريشن ھڪ اھڙي گرڻ ھئي، جنھن جو تصور اياز جي ان نظم جي ياد ڏياري ٿو:
”ھيڏانھن گرڻ
ھوڏانھن گرڻ
ڪو لاش پيو آ واري تي
۽ جنھن جي لوھي ٽوپ اڳيان
بندوق پئي آ ڌرتيءَ تي
۽ جنگي تمغو ٿو جرڪي
ڪو ان جي خاڪي ورديءَ تي
ھن جو لاش ڳري ويو
پر بوٽ پيو آ پيرن ۾
ٿي شام ھڏائين پڃري کي
ويا ڪانگ ڇڏي واھيرن ۾
ٿو گھوري ھن کي حيرت مان
ڪو پيلو گل ڪانڊيرن ۾!
اھا آپريشن جنھن کي جنرل ضياءَ فيئرپلي ڪوٺيو ھو، جيڪا اصل ۾ “ان فيئرپلي” ھئي، ان آپريشن جو اصل منظر اياز جو مٿيون نظم پيش ڪري رھيو آھي.
اھا آپريشن جنھن بعد ملڪ مسلسل آپريشنز مان گذريو آھي. اھا آپريشن جي رٿيل رٿ، جنھن رات عمل ۾ آندي وئي، اھا رات ملڪ مٿان مسلط رھي ھئي. بلڪل ائين جيئن فيض لکيو آھي:
“تم آئے ہو نہ شبِ انتظار گذری ہے
تلاش میں ہے سحر، بار بار گذری ہے”
ان آمريت کان پوءِ جمھوريت جي آمد جو ڪيترائي ڀيرا اعلان ڪيو ويو آھي پر اھو اعلان ايئن ھو، جيئن ڪنھن دؤر جيان ڪنھن اسٽيشن تي ريل جي آمد جو گھنڊ ته وڄي پر ان اسٽيشن تي واعدي واري ٽرين ڪڏھن نه اچي!!
سو! ملڪ جي سياسي پٽڙيءَ تي جمھوريت جي ريل وري ٻيھر نه آئي. مسافر انتظار ڪندا رھيا. توڙي جو گمنام اسٽيشن تي ماڻھن جا ھشام بيٺا رھيا. اسٽيشن جي ٽين واري ڇت مٿان مسلسل برسات پوندي رھي. پر جمھوريت واري ٽرين اڄ ڏينھن تائين پنھنجي پليٽ فارم تي نه پھتي!!
غالب لکيو آهي:
“ہوئی تاخیر تو کچھ باعثِ تاخیر بھی تھا”
اھا تاخير ڇو ٿي آھي؟ بلڪه اھا تاريخ مسلسل وڌندي ڇو رھي آھي؟ ان سوال جو صحيح جواب ته تڏھن ممڪن ٿي سگھي ٿو، جڏھن رات جي وجود کي تسليم ڪيو وڃي. اسان وٽ جنھن جنھن سياستدان کي اقتدار مليو آھي، ان لاءِ آڌي رات جو به جمھوريت جو سھڻو سج اڀري آيو آھي. جنھن کي اقتدار حاصل نه ٿيو آھي، ان جي لاءِ جمھوريت ۾ به آمريت آھي. بلڪل ائين جيئن قومي اتحاد جي اڳواڻن کي ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر ۾ جمھوريت نظر نه آئي، جڏھن ته ان اتحاد جي ھڪ اڌ ڌر کي جنرل ضياءَ جي آمريت ۾ به جمھوريت جا جلوا نظر ايندا رھيا.
جمھوريت جو جلوو اقتدار جو حلوو نه ھجي ھا ته ملڪ ۾ سياسي وحشت آمريتي دھشت ۾ داخل ٿي نه سگھي ھا. جڏھن جمھوريت محض نالي ماتر نظام بڻجي وڃي يا بڻايو وڃي ته پوءِ آمريت جي رات پھرن تي نه پوندي آھي. پوءِ ان جو قيام تمام گھڻو وڌي ويندو آھي. آمريت جي رات کي اقتدار ملڻ جي صورت ۾ جمھوريت جو صبح قرار ڏيڻ واري روايت ڪڏھن پئي ۽ ڪنھن وڌي؟ ان سوال جو جواب موضوع لاءِ ٿيڙ ثابت ٿيندو پر ھن مھل پاڻ کي صرف ان نقطي تي قائم رھڻ گھرجي ته ڪجھه راتين جي مقدر ۾ صبح جي سرخي نه ھوندي آھي. جنرل ضياءَ جي آمريت به اھڙي ڪاري رات ھئي، جنھن کان پوءِ ملڪ مٿان جمھوريت جو سج نه اڀريو آھي. اھا رات پنھنجي سازشي رھزنيءَ ۾ نه صرف اڳ جيان موجود رھي آھي پر پنھنجي سفاڪيءَ ۾ ماضيءَ کان ٻه ھٿ اڳتي وڌيل آھي. اھا رات جنھن جو تذڪرو ڪندي انگريز شاعر ڊبليو بي ييٽس ”Night beaten morn“ جا لفظ لکيا ھئا. اھا رات جنھن لاءِ فيض پنھنجي نظم ”صبح آزادي“ ۾ لکيو ھو:
“یہ داغ داغ اجالا یہ شب گزیدہ سحر
وہ انتظار تھا جس کا یہ وہ سحر تو نہیں
یہ وہ سحر تو نہیں جس کی آرزو لے کر
چلے تھے یار کہ مل جائے گی کہیں نہ کہیں
فلک کے دشت میں تاروں کی آخری منزل”
جنرل ضياءَ جي آمريت ۽ ان آمريت ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران جنھن جمھوريت جا خواب ڏٺا ويا ھئا ۽ جنھن جمھوريت جا واعدا ڪيا ويا، ڇا ھيءَ اھا ساڳي جمھوريت آھي؟ جنھن جمھوريت ۾ اظھار جي آزاديءَ مٿان پابندي مسلط ھجي، جنھن جمھوريت ۾ ڪرپشن ۽ اقربا پروريءَ جو رھزن راڄ ھجي، جنھن جمھوريت ۾ عوامي مئنڊيٽ کي تسليم نه ڪيو وڃي، جنھن جمھوريت کي ”ھائبرڊ نظام“ جي حوالي سان سڃاتو وڃي ۽ جنھن جمھوريت کي نالي ماتر سمجھيو ۽ سمجھايو وڃي، ان جمھوريت لاءِ کھنبن ۾ کڻڻ جھڙا شھزادا شھيد ڪيئن ٿا ڪرائي سگھجن!؟
ھيءَ جمھوريت اھا جمھوريت ناھي، جنھن جمھوريت لاءِ آمريت دوران اوجاڳيل اکين خواب ڏٺا ھئا. ھيءَ ته اھا جھموريت به ناھي، جنھن کي اڃان جمھوريت ٿيڻو ھو، جنھن جمھوريت کي 5 جولاءِ 1977 جي رات قتل ڪيو ويو.
جمھوريت جي قتل واري رات کي 48 سال گذري چڪا آھن پر اھا رات انور پيزادي جي نظم واري رات وانگر اڃان تائين رڙھي به رھي آھي ۽ رڙي به رھي آھي.