خيبر پختونخواهه سان تعلق رکندڙ 5 ڀائرن تي هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڀائر مارجي ويا ۽ 2 زخمي

مَي 30, 2024

ڪراچي ۾ خيبر پختونخواهه سان تعلق رکندڙ 5 ڀائرن تي هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڀائر مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج به سامهون اچي ويا، فٽيج ۾ ٽن موٽرسائيڪلز تي سوار 6 هٿياربند ڪار جو گهيرو ڪندي ۽ فائرنگ ڪندي نظر اچي رهيا آهن، پوليس موجب گرو مندر واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڪار ۾ سوار ڀائرن تي فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب ساجد ۽ عمير مارجي ويا، مقتولن جا 2 ڀائر واجد ۽ زبير زخمي ٿي پيا، ڪار ۾ سوار پنجون ڀاءُ معجزاڻي طور فائرنگ ۾ محفوظ رهيو، پوليس لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، ايس پي جميشد ڪوارٽر علينه راڄپر چيو آهي ته ڪار ۾ سوار 5 ئي ڀائر عدالت ۾ پيشي تي وڃي رهيا هئا ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪئي، واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي، گورنر ڪامران ٽيسوري واقعي جو نوٽيس وٺندي اي آءِ جي ڪراچي کي جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت ڪري ڇڏي، گورنر جو چوڻ آهي ته وچ شهر ۾ اهڙو واقعو پيش اچڻ تي ڳڻتي آهي

Leave A Comment