دڙو ۾ 5 ڏينهن کان لاڳيتو برسات، 150 کان مٿي گهر ڊهي پٽ، 9ڄڻا زخمي، فصل تباهه
آگسٽ 31, 2024
دڙو (رپورٽ: حبيب الله ميمڻ دڙو) دڙو شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ پنجن ڏينهن کان گجگوڙ سان هلندڙ طوفاني برسات سبب 150 ڪچا توڙي پڪا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا
مين روڊن ۽ ڳوٺن ۾ بيٺل وڻ ڪري پيا، وارڊ پنج ۾ عبدالرحمان ميمڻ جي پڪي گهر جي ڇت ڪري پئي، گهر ڌڻي معجزاني طور بچي ويا، شهر جو مين پبلڪ پارڪ روڊ مڪمل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو
ڳوٺ گل محمد، عارو ماڇي، لائقپور،ٻنون، خانپور، حسين پور، رٽا سومرو سميت ٻين ڳوٺن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، مسلسل برساتن سبب ساريالي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ جو خوشو آهي
هوڏانهن رٽا سومرو جو قبرستان حضرت غازي بادشاھ مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويو، هوڏانهن پنج ڏينهن کان وٺي بجلي مڪمل طور تي بند آهي
شهر ۽ ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ ٻڏل ۽ اونداهي جي لپيٽ ۾ آهن، جڏهن ته برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ گندگي ۽ مڇرن جي آزار سبب عوام ڪيترن ئي موذي مرضن سميت ڊائيريا ۽ مليريا ۾ وٺجي ويا
هوڏانهن ضلعي انتظاميا سجاول سميت چونڊيل نمائندا ۽ ٽائون انتظاميا پاران متاثرن جي ڪا به واهر نه ڪئي وئي.