| 50 اوور 574 رنسون، 3 سينچريون، تيز ترين 150 رنسون: رڳو رڪارڊ |
ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارت جي علائقائي ون ڊي ٽورنامينٽ ”وجي هزاري ٽرافي“ ۾ بهار جي ٽيم لسٽ اي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسن جو نئون رڪارڊ قائم ڪيو، جڏهن ته ميچ دوران بهار جي 14 ورهين جي بيٽر ويڀوَ سوريا ونشي رڳو 36 بالن تي سينچري ٺاهي ڪيئي رڪارڊ چٽ ڪري ڇڏيا. اربع ڏينهن اروناچل پرديش خلاف بهار جي بيٽرن رڳو ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي مقرر 50 اوورن ۾ 574 رنسون ٺاهي لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪيو. بهار جي ويڀوَ سورياونشي 84 بالن تي 190 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي، بهار جي ڪپتان ثاقب الغني 40 بالن تي 128، ايوش لوهاروڪا 56 بالن تي 116 رنسون ٺاهيون. سوريا ونشي 36 بالن تي سينچري، 59 بالن تي 150 رنسون مڪمل ڪري اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان اي بي ڊيويليئرز جو عالمي رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هو ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان ننڍي عمر ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ بيٽر بڻجي ويو.