ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪري پيش پون، سندن خاندانن کي گذرسفر لاءِ 50 ايڪڙ زمين ڏينداسين: گهرو وزير جي آڇ
جُولاءِ 8, 2024
ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي ) گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته ڊي ايس پي سي ٽي ڊي علي رضا ڪافي عرصي کان سي ٽي ڊي ۾ ڪم ڪري رهيو هو، بهادر آفيسر هو، کيس شهادت نصيب ٿي، علي رضا لياري گينگ وار خلاف به ڪم ڪيو، ٽي ٽي پي خلاف به ڪارروايون ڪيون، اسان انهي ڪيس کي 3 رخن کان ڏسي رهيا آهيون، هي واقعو پهرين محرم تي پيش آيو، اهو به ڏسون پيا ته اها فرقيواراڻي ٽارگيٽ ڪلنگ ته ناهي، لياري گينگ وار جي حوالي سان به جاچ ڪريون پيا، انهن جي به ڊي ايس پي سان ڪا پراڻي دشمني ٿي سگهي ٿي، جنهن تنظيم ذميواري قبول ڪئي، انهي بابت به جاچ ڪريون پيا. هن چيو ته علي رضا جي شهادت سان پوليس جو مورال بلند ٿيندو، ڪراچي جو عوام پوليس سان گڏ آهي، جوابدارن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪچي ۾ پوليس کي وڏي ڪاميابي ملي آهي، امدو گينگ جا سمورا جوابدار مارجي ويا آهن، 3 هندو واپاري بازياب ڪرايا آهن، علائقي کي پوليس ڪليئر ڪرايو آهي، جوابدار غريب پورهيتن کي اغوا ڪندا هئا ته جيئن پوليس جو پريشر گهٽجي سگهي، هن چيو ته پوليس کي واضح هدايتون هيون ته ڌاڙيلن سان ڪا به سوديبازي نه ٿيندي. هن چيو ته سوشل ميڊيا بابت قانون ۾ ترميم جي ضرورت آهي. هن چيو ته صدر زرداري امن امان حوالي سان سکر ۾ اجلاس ڪيو هو، جنهن ۾ هن ڌاڙيلن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ چيو هو، آئون چوان ٿو ته ڌاڙيل پاڻ ڪورٽ آڏو پيش ڪن. هن چيو ته ڌاڙيلن طرفان هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي صورت ۾ مختلف تجويزون غور هيٺ آهن، هڪ تجويز اها آهي ته هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڌاڙيلن جي وارثن کي 50 ايڪڙ زمين ڏئي سندن گذر سفر جو انتظام ڪيو وڃي. هن چيو ته ڌاڙيلن خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته محرم الحرام دوران خدشا هوندا آهن، عالمن سان ميٽنگ ڪئي آهي اميد ڪريان ٿو ته عاشورن تائين امن امان جي صورتحال ٺيڪ رهندي. هن چيو ته پريا ڪماري بابت جلد سٺي خبر ايندي، 3 سال اڳ جو ڪيس آهي پر اسان جا آفيسر انهي ڪيس تي ڪم ڪري رهيا آهن، هوڏانهن سي پي او ۾ محرم الحرام جي سيڪيورٽي بابت ٿيل اجلاس ۾ گهرو وزير چيو ته محرم کي هڪ ٽيم جي حيثيت سان پرامن بڻائڻو آهي، سمورا آفيسر ڪانٽيجنسي پلان تحت پنهنجون ذميواريون غير معمولي بڻائين، سمورين مجلسن ۽ جلوسن جي فل پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي، جلوسن جي روٽن جي وڏين عمارتن جي ڇت تي اسنائپر مقرر ڪيا وڃن، روٽن جي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ذريعي سوئيپنگ ۽ ڪليئرنس يقيني بڻايو وڃي.