يو اي اي اندر 50 سيڪڙو ڏوهن ۾ پاڪستاني ملوث

جُولاءِ 31, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سمنڊ پار  پاڪستانين واري وزارت جي وفاقي  سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد محمود چيو آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو رويو، ڪم اخلاق، ڏوهن ۾ شامل هجڻ وڏو مسئلو آهي. ماڻهو اسان کان ناراض آهن، اسان پرڏيهه وڃڻ وارن ماڻهن جو رويو بهتر نه ڪيو، تربيت نه ڪئي ته مسئلا پيدا ٿي ويندا. سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي آف اوورسيز پاڪستانيز جو اجلاس ذيشان خانزاده جي صدارت هيٺ ٿيو. اوورسيز پاڪستانين واري وزارت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد محمود چيو ته يو اي اي ۾ جيترو ڏوهه آهي اُن ۾ 50 سيڪڙو پاڪستاني ملوث آهن، جيڪي منشيات يا چوري ۾ ملوث آهن، اسان کي دبئي سان مسئلا اچي رهيا آهن، پاڪستاني دبئي ۾ عورتن جا ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن کان غزه بابت سوال پڇندا آهن. جيڪڏهن اسان دبئي ۾ اهڙا ٽڪ ٽاڪ ٺاهينداسين ته مسئلا پيدا ٿيندا. يو اي اي اسان کي اهو چئي ڇڏيو آهي. عراق جيڪي پاڪستاني وڃي رهيا آهن انهن جون تمام گهڻيون شڪايتون آهن، واپس نٿا اچن. سعودي عرب چيو ته اسان وٽ پينوفقير نه موڪليو. ڪويت وارا چون ٿا ته اوهان جي نرس کي چئو ته مريض کي اُٿاري ويهاريو ته چوي ٿي اهو وارڊ بواءِ جو ڪم آهي. قطر چيو ته پاڪستاني مزدور عجيب آهن هيلمٽ پائڻ کان انڪار ڪن ٿا. يورپي يونين جي آفيسرن جو چوڻ آهي ته اوهان ايف آءِ اي جو نظام، بارڊر ڪنٽرول بهتر ڪريو، اسان وهان کي ملازمت ۾ ڪجهه ڪوٽا ڏينداسين، اوورسيز پاڪستاني آفيسرن ٻڌايو ته 96 سيڪڙو پاڪستاني ماڻهو جي سي سي ملڪن ڏانهن وڃي رهيا آهن. جي سي سي ملڪ هاڻي جديد سوسائٽي بڻجي چڪا آهن، اُتي تعميرات ۾ ٽيڪنالاجي اچي وئي آهي اسان ماڻهن کي هنر ناهي سيکاريو، هن چيو ته ايميگريشن متعلق سمورا معاملا ڏسڻ لاءِ پي ايم اي جي هڪ نئين ڪاميٽي ٺهي آهي. اسان ٻاهرين ملڪ ويندڙن جو هڪ نئون پورٽل ٺاهي رهيا آهيون. نيشنل اميگريشن اينڊ ويلفيئر پالسي هن وقت 90 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪي آهي. اسان جي ماتحت ادارا بزنس ۾ آساني جي حوالي سان رڪاوٽ آهن. ان ۾ آساني جي لاءِ 120 ترميم تجويزون آهن. جاپان نسٽ جي اليڪٽرڪل انجنيئرنگ جي پوري ڪلاس کي نوڪري ڏئي ڇڏي آهي.

Leave A Comment