کيرٿر ۽ دادوڪئنالن ۾ 50 سيڪڙو پاڻي کوٽ جو اعتراف: وزيراعليٰ پاران وارابندي جو پلان طلب
جُولاءِ 11, 2024
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي آهي سکر بئراج جي ساڄي ڪناري مان نڪرندڙ رائيس، دادو ۽ کير ٿر ڪئنالن ۾ پاڻي کوٽ تي ضابطو آڻي هارين کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته جيئن 2094975 ايڪڙ تي پوکيل خريف جا فصل بچي سگهن، ڪالهه سي ايم هائوس م ٿيل اجلاس ۾ آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته بلوچستان جي 185000 ايڪڙ زمين پڻ ساڄي ڪپ مان نڪرندڙ واهه ذريعي آباد ٿئي ٿي. ھن چيو ته رائس ڪينال مان 100 کان وڌيڪ برانچون، مائنر ۽ ڊسٽريبيوٽريز نڪرن ٿيون، انهي ڪينال ۾ پاڻي جي دستيابي 80 کان 89 سيڪڙو تائين آهي، اتي پاڻي کوٽ جي ڪا شڪايت ناهي، وارهه برانچ ڪينال ۾ به ڪا کوٽ ناهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 3 ضلعن کي پاڻي مهيا ڪندڙ دادو ڪينال ۾ 50 سيڪڙو کوٽ آهي، جنهن تي وڏي وزير آبپاشي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پمپنگ اسٽيشنون هلائي پڇڙين ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي، وڏي وزير دادو ڪئنال مان نڪرندڙ واهن لاءِ وارا بندي جو پلان طلب ڪري ورتو، اجلاس ۾ آبپاشي سيڪريٽري چيو ته نارٿ ويسٽ ڪئنال ( کير ٿر ) ۾ 50 سيڪڙو پاڻي ڇڏيو پيو وڃي، بلوچستان ۾ پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.