| 500 سيڪڙو ٽيرف جو خوف: ڀارتي اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش ٿي وئي |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روس کان تيل خريد ڪندڙ ملڪن تي 500 سيڪڙو ٽيرف لڳائڻ جي بل جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ ڀارتي اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش ٿي وئي. لاڳيتو ڇوٿين ڏينهن لاٿ جو شڪار ڀارتي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪارن جا 4 ڏينهن ۾ 9 لک ڪروڙ رپيا ٻڏي چڪا آهن. نئين ٽيرف جو بل آمريڪي سينيٽر لنزي گراهم پيش ڪيو، جنهن جي صدر ٽرمپ حمايت ڪري ڇڏي، بل جي منظوري ايندڙ هفتي ملڻ جو امڪان آهي. منظوري کان پوءِ روس کان تيل خريد ڪندڙ ملڪن تي ٽرمپ 500 سيڪڙو تائين ٽيرف لڳائي سگهي ٿو. ڀارت اڳ ئي 50 سيڪڙو آمريڪي ٽيرف جي ڪري سخت دٻاءُ جو شڪار آهي. نئين ٽيرف سان برازيل ۽ چين به متاثر ٿيندا.