| 500 ڊالر کان وڌيڪ ماليت وارن موبائل فونز تي 54 سيڪڙو ٽيڪس اوڳاڙڻ جو انڪشاف |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 500 ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي موبائل فونز تي مجموعي طور تي 54 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو آهي. هي انڪشاف چيئرمين نويد قمر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبليءَ جي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس دوران سامهون آيو آهي. اجلاس ۾ موبائل فونن تي ڊيوٽيز ۽ ٽيڪسن جي وصولي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چيئرمين ايف بي آر راشد محمود لنگڙيال ۽ ميمبرن طرفان ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته 500 ڊالر کان مهانگن موبائل فونن تي 76,000 رپيا ٽيڪس لاڳو آهي. 500 ڊالر کان وڌيڪ قيمت وارن فونن تي ٽيڪس جي شرح 54 سيڪڙو آهي، موبائل فونن تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو آهي. ٽيڪس پاليسي عملدارن مطابق موبائل فونن تي رعايتي انڪم ٽيڪس لاڳو آهي، مهانگن فونن تي ساڍا 11 هزار وِدهولڊنگ ٽيڪس لاڳو آهي. جيڪڏهن هي فون مقامي طور تي تيار ٿين ته انهن تي ٽيڪس گهٽ هوندو. درآمدي فونن تي ٽيڪس قيمت جو 54 سيڪڙو ٿئي ٿو. مقامي طور تي تيار ڪيل اهڙن فونن تي ٽيڪس گهٽجي 25 سيڪڙو ٿي وڃي ٿو. سيد نويد قمر چيو ته جڏهن فونن تي سيلز ٽيڪس لاڳو آهي ته پوءِ انڪم ٽيڪس جي ضرورت ناهي، ملڪ ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي اچڻ ڏيو، ان سان معيشت ۾ بهتري ايندي. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ موبائل فونن تي ٽيڪس پاليسي واضح انداز ۾ پيش ڪئي وڃي.