| 52هين سينچري: پرستار ميدان ۾ داخل، ڪوهلي جي پيرن تي ڪري پيو |
رانچي (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ پهرين ون ڊي دوران هڪ سنگين سيڪيورٽي ناڪامي سامهون آئي جڏهن هڪ شخص سيڪيورٽي رڪاوٽون ٽوڙي ميدان ۾ داخل ٿيو ۽ پچ تي ويرات ڪوهلي کي ڀاڪر پائي ورتو. ڀارت جي ليجنڊ بيٽسمين ويرات ڪوهلي ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ون ڊي ۾ 135 رنسن جي اننگز کيڏي پنهنجي 52 هين ون ڊي سينچري ٺاهي. جيئن ئي هن پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي، هڪ پرستار نه رڳو سيڪيورٽي ٽوڙي ميدان ۾ داخل ٿيو پر سڌو ڪوهلي جي پيرن تي ڪري پيو.